اقوام متحده جي اداري پاران سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن کي ايوارڊ ڏنو ويو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) اقوام متحدا جي اداري يو اين ٽي سي اين جي وومين انگيج فار ڪامن فيوچر پاران ماحولياتي تڀديليون ۽ عورتن جي ترقي جي حوالي سنڌ سان تعلق رکندڙ سماجي تنظيم سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن کي ڦٽيون چونڊيندڙ عورتن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي پورهيي ۽ مزدور عورتن کي قانوني طور مزدور واري حيثيت ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي مڃتا طور تي ايوارڊ ڏنو ويو. مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ماحولياتي تبديلين بابت هلندڙ 27 هين عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ هن سال اقوام متحدا جي انتظام هيٺ ماحولياتي تبديلين ۽ عورتن جي ترقي جي حوالي سان هلندڙ پروگرام تحت دنيا جي 149 ملڪن جي 250 سماجي تنظيمن پاران درخواستون ڏنيون ويون هيون. جن مان ٽن تنظيمن کي ايوارڊ ڏيڻ جي لاءِ چونڊيو, جنهن ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ سماجي تنظيم سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن کي اهو ايوارڊ مليو. جيڪو تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر, سماجي اڳواڻ ۽ شاعر جاويد سوز هالائي وصول ڪيو. ان حوالي سان جاويد سوز هالائي جو چوڻ آهي ته ماحولياتي تبديلين جي حوالي جن سماجي تنظيمن معلومات ڏني آهي ۽ ان حوالي سان ڪم ڪيو آهي انهن تنظيمن کي مڃتا طور ايوارڊ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي تنظيم سنڌ ۾ ڦٽيون چونڊيندڙ عورتن جي مسئلن جي حوالي سان ڪم ڪيو. پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان قانونسازي به ٿي آهي ۽ سنڌ ۾ ڦٽيون چونڊيندڙ عورتن جي حوالي سان قانون پاس به ٿيو آهي. هن چيو ته اسان ڦٽيون چونڊيندڙ عورتن تي ماحولياتي تبديلين جي ڪري پوندڙ اثرن کي روڪڻ جي حوالي سان آواز اٿاريو ويو هو ۽ قانونسازي جي لاءِ ڪوششون ورتيون هيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں