ڪراچي( رپورٽ نصرالله جمالي) ثقافت ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ چيو آهي ته انڊس ويلي جو ڳانڍاپو ھڪ ڏينھن ضرور ٿيڻو آهي چچ واري سنڌو تهذيب ڪشمير کان وٺي ھڪ ڏينھن ضرور ٿيڻي آهي ۽ دنيا جي نقشي تي اچڻي آهي خواب سانڀيان ٿيڻ وڃن پيا. اھڙن خيالن جو اظهار ھن نامياري شاعر خليل ڪنڀر جي لکيل ڪتاب جو سرائيڪي ليکڪ رفعت عباس پاران سرائيڪي ۾ ترجمو ڪيل (جيوين ترٽيا ھڏ ڏکي) ڪتاب جي مھورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو تعليم ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ وڌيڪ چيو ته سنڌي توڙي سرائيڪي سميت اسان وٽ ڳالھائجندڙ سمورين قومي ٻولين جو بل اڃا تائين سينيٽ ۾ پيل آھي ھن ترجمي سان سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي ڳالھائيندڙن جي وچ ۾ ويجھڙائپ وڌندي ـ سنڌ حڪومت محمد ابرھيم جويو جي ويزن تحت جلد ثرانسليشن بيورو ھڪ ادارو قائم ڪندي ـ جنهن جي پي سي فور تيار آھي ۽ اسمبلي ۾ بل پيش ڪري قائم ڪنداسين ـ جنهن جو ڪم مختلف ٻولين جا ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ سنڌي چا ڪتاب ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ ھوندو ـ ھن وقت اسان وٽ ڪتابن جي ترجمي بابت ھڪ پروجيڪٽ ھلندڙ آھي جنهن تحت اسين ڪتاب ترجمو ڪرايون پيا ـ خليل جي شاعري ۾ مختلف ڪردارن کي ھن لکيو آھي ۽ رفعت عباس جھڙي وڏي شاعر انھي کي ترجمو ڪيو آھي ـ سنڌي ۽ سرائيڪي جو پاڻ ۾ ھڪ گھرو تعلق آھي ـ انھي تعلق جي ٻنڌڻ کي ھي ڪتاب وڌيڪ مضبوط ڪندو ـ ان قسم جا ترجما ٻين ٻولين ۾ به ٿيڻ گھرجن ـ اھا سٺي روايت آھي ـ تقريب کي ڪتاب جي مترجم رفعت عباس چيو ته مون انھي ڪتاب ۾ سماج جي ڌڪاريل ۽ نظرانداز يا اڇوت قرار ڏنل ماڻهن جي عڪاسي ڪئي آھي انھي ڪري مون کي ترجمي جو شوق ٿيو ۽ شاعري کي اسين تفريح سمجھون ٿا پر ايئن ناھي شاعر ٽف ٽائيم ڏيندو آھي شاعر گمشدا جغرافيائي کي ڳولي ٿو ـ اسين ڪنهن کي آساني سورمي يا سورمو نٿا ٿيڻ ڏيون ـ مونکي لڳو ته ٿر ۾ ليجنڊ پيدا ٿيو آھي ـ مونکي لڳو ٿو ته آئون خليل ڪنڀر جي شاعري مان سکي سگھان ٿو ۽ منهنجي سرائيڪي ٻولي ڳالھائيندڙ سکي سگھن ٿا انھي ڪري مون اھو ترجمو ڪيو ـ نامياري اديب جامي چانڊيو چيو ته ھن ڪتاب جو مترجم رفعت عباس جيتوڻيڪ سرائيڪي وسيب سان تعلق رکي ٿو پر ھن جو روح ڪارونجھر جو وسيب آھي ـ ھي رڳو تخليقي ڪمال ناھي پر ھن انھي ڪتاب ۾ شامل سموري حسناڪي کي اتي وڃي ڏٺو آھي ـ ٿر جو پسمنظر ھن جي وجود جو حصو آھي ـ ڪتاب جي ليکڪ ۽ شاعر خليل ڪنڀر چيو ته ھي ترجمو ٻن ٻولين جو ھٿ ملائڻ آهي انھي ۾ سرائيڪي ۽ سنڌي زبانن جو ڳانڍاپو وڌيڪ مضبوط ٿيندو ـ قومن کي گڏ ڪرڻ وارو جيڪو ڪم سياستدان نه ڪري سگھيا آھن اھو ھاڻي ادب ذريعي ٿيڻ گھرجي ـ سينيئر صحافي نظير لغاري چيو ته ھن ڪتاب جو ترجمو ڪندڙ رفعت کان مون گھڻو سکيو آھيان ـ مقامي ماڻهو جو زميني رشتو ھن ڪتاب ۾ لکيل آھي۔ سنڌي ۽ سرائيڪي زبان ھڪ ڪيئن آھي اھو ڊيرا غازي خان جي کتراڻ برادري ٻڌائيندي ـ ھنن جي اڄ به اھا ئي ٻولي آھي جنهن ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ٻئي ملن ٿيون ـ انڊس جتان وھي ٿو اھو سڄو سنڌ آھي۔ سرائيڪي جي 50 سيڪڙو شاعري سسئي آھي ـ سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيو ته ڪي شاعر ڪيترائي ڪتاب لکن ٿا پر اھو ايڏو وڏو ڪارنامو ناھي شاعري دل جي مزدوري آھي ڪو ھڪڙو شعر لکي به جمن دربدر وانگي لڳي ٿو ـ ٿر جو شاعري سان احساساتي رشتو آھي ـ ھانسو ريٻارڻ وارو نظم تمام بھترين آھي پر گنگا ريٻارڻ جي شاھ سان محبت واري ڳالهه سان مونکي اختلاف آھي پروفيسر ممتاز خان ڪلياڻي چيو ته مون خليل ڪنڀار جي شاعري ۾ گنگا جتڻ ـ صادق فقير سميت مختلف ڪردارن توڙي ٿر جي زندگي کي پڙھيو آھي.
