حيدرآباد (پ ر)حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ نامياري قانوندان، ليکڪ، شاعر، چوٽي جي مقرر، سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اياز لطيف پليجو جي 54ھين سالگرھ ملھائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ اياز لطيف پليجو پنهنجين بي پناھ صلاحيت سان وطن دشمن ۽ عوام دشمن حڪمرانن، طاقتن ۽ انھن جي ايجنٽن کي هر فورم تي وڏي دليري سان ۽ اٿاھ دليلن سان شڪست ڏني آھي ۽ سنڌ جي نوجوانن جي دلين ۾ وڏي تيزي سان جاء ٺاهي آهي۔ زينت سمون چيو تہ اياز لطيف پليجو سنڌ جي اميد ۽ ضرورت آهي۔ دنيا ۾ گهڻ طرفي صلاحيتن جي اڳواڻن وڏيون تبديليون آنديون آهن۔ اسان جهڙي ٻٺتي پيل قوم جي ماڻهن کي اياز لطيف پليجي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، جيڪو پنهنجي قابليت سان عوام دشمن حڪمرانن کي شڪست ڏئي سگهي ٿو. ڪائنات چانڊيو چيو تہ اياز لطيف پليجو سنڌ جو اھو واحد اڳواڻ جيڪو جڏھين شاھ لطيف ۽ شيخ اياز کي ٻڌائي ۽ سمجھائي ٿو تہ لکين نوجوان ۽ شاگردن کي سنڌ جي تھذيب، ادب، ثقافت ۽ ڌرتيءَ سان ھميشہ لاءِ جوڙيو ڇڏي. سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان طويل 47 ڏينھن جي ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين ھزارين ڪلوميٽرز جي لانگ مارچ ۾ شھر شھر ڳوٺ ڳوٺ پيرين پنڌ ھلندڙ سنڌ جو يگانو ۽ بھادر اڳواڻ آهي. خوشبو ميمڻ چيو تہ اياز لطيف پليجو ملڪ ۽ سنڌ جو واحد اڳواڻ آهي جنھن پھريون ڀيرو ڪرپشن خلاف جنگ کي ھڪ جدوجھد بڻائي ڇڏيو، سڄي سنڌ ۾ مسلسل بيداري مارچون ڪري ڪرپشن جي ڦرلٽ ۽ ذلت کان قوم کي آگاھ ڪيو. اياز لطيف پليجو جنھن سنڌي ھندو نياڻين رنڪل، جمنا، آشا، لتا، نمرتا ۽ ٻين سوين ڀينرن جو آواز ڪانفرنسز، ملڪي ميڊيا ۽ عالمي فورمز تي بلند ڪيو. نصرت خاصخيلي چيو تہ اياز لطيف پليجو جي جدوجھد سنڌ جي بقا، وسيلن جي مالڪي، پيڙھيل طبقي ۽ مظلوم عوام جي حقن لاءِ آھي. اياز لطيف پليجي پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، عورتن، اقليتن ۽ انساني حقن جي ڳالھ ڪري ٿو. اياز لطيف پليجي سنڌ دشمن سازشن خلاف دھشتگردن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪيو ۽ انھن کي بي نقاب ڪيو. پيپلز پارٽي ھزارين دھشتگردن جا خون معاف ڪيا. ايمان وساڻ چيو تہ اياز لطيف پليجي لکين عوام جي جدوجھد سان انھن دھشتگردن جي سياست کي تاريخ ۾ دفن ڪري ڇڏيو.
