غلام مهدي بلوچ
سنڌ منيميم ويج ايڪٽ، 2015 تحت، سنڌ حڪومت اعلان ڪيو ته 1 جون 2022 کان سڀني صنعتي ۽ ڪمرشل مرڪزن ۾ ڪم ڪندڙ غير ماهر بالغ ۽ نوجوان مزدورن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اجرت 25,000 رپيا ماهوار هجڻ گهرجي، خبر موجب سڄي صوبي ۾ اجرت جي گهٽ ۾ گهٽ شرح هڪجهڙي لاڳو ڪرڻ، عورت مزدورن کي به اوتري ئي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ڏيڻ جيڪا مرد مزدورن لاءِ حڪم جاري ٿيل آهي، روزاني ۽ هفتيوار ڪم جا ڪلاڪ ۽ اوور ٽائم ڪم جا شرط ۽ هفتيوار آرام جي ڏينهن ۽ ادا ڪيل موڪلن تي ڪم ڪرڻ، ڏنل درجي جي غير ماهر بالغ ۽ نوجوان مزدورن جي حوالي سان، سنڌ فيڪٽريز ايڪٽ، 2015، جي ادائگي جي حوالي سان ضابطو ڪرڻ، منيميم ويج ايڪٽ، 2015 ۽ ٻين لاڳاپيل مزدورن جي قانون موجب سڀني حڪمن تي عمل ڪرڻ آهي، مزدورن جي ٻين ڪيٽيگريز جي مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اُجرت جي شرح جهڙوڪ ڪنهن به صنعت ۾ ڪم ڪندڙ ماهر ۽ گهٽ مهارت رکندڙ، ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي شرح کان گهٽ نه هجڻ گهرجي، هاڻي سنڌ صوبي ۾ غير ماهر بالغ ۽ نوجوان مزدورن لاءِ، سڀني صنعتن ۾ ملازمن کي، چاهي رجسٽرڊ هجي يا غير رجسٽرڊ، انهن کي گهرجي ته بالغ غير ماهر ۽ نوجوان مزدورن کي 25,000 روپين جي شيڊول ۾ تجويز ڪيل شرح کان گهٽ نه هجي.ملازمن کي گهرجي ته، جتي ضروري هجي، پيس ريٽ ٿيل مزدورن لاءِ اجرت جي شرح تي به نظر ثاني ڪن ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته ڪم ڪندڙ هر پيس ريٽ پيشي ۾ ڪم ڪندڙ ڏينهن ۾ 120 رپيا في ڪلاڪ کان گهٽ ڪمائي نه سگهي. گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري ايڪٽ تحت مزدورن کي واقعي اوتري پگهار ملي ٿي يا نه، ان تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻي ٻڌڻي ٿي چڪي آهي جنهن تي معزز صلاح الدين پنهور تي ٻڌل ڊويزن بئنچ سنڌ ۾ مزدورن جي داد رسي نه هجڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت 25 هزار گهٽ ۾ گهٽ اجرت ته رکي آهي جيڪا صرف ڪاغذن ۾ آهي جڏهن ته مزدورن کي اڄ به ڏھ ھزار پگهار ڏني پئي وڃي، عدالت اهڙا ريمارڪس سنڌ ۾ سوشل سڪيورٽي ڪورٽس جي قيام بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنا. جيڪي پورهيت ڪمپني ۾ فوت ٿي ويندا آهن ان جو ذميوار ڪير آهي هنن جي حقن جي ڳالهه ڇونه ڪئي ويندي آهي .عدالت ۾ ليبر کاتي جي سيڪريٽري کان عدالت پچاڻو ڪيو ته پيٽرول پمپس تي ڪم ڪندڙن پورهيت رجسٽرڊ آهن اسان کي ٻڌايو ته ڪهڙي مالڪ جي خلاف ڪاروائي ٿي آهي .ڇا اوهان هڪڙي آگاهي مهم هلائي آهي .پورهيت کي رجسٽرڊ ڪرڻ جي ؟عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سيسي جو ادارو فعال نه آهي .قانون کاتي پاران جيڪو جواب جمع ڪرايو ويو سيسي جي ڪمشنر ٻڌايو ته لبير عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن. ليبر کاتي جي سيڪريٽري عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ جي لاءِ سمري وڏي وزير کي موڪلي آهي .معاملو ڪابينا جي آڏو آهي ته ٻن ليبر عدالتن ۾ 24ڪيس التواهيٺ آهن .عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌڪيس ۾ ڪابينا ميمبرن کي درست انداز۾ بريف ڪيو وڃي .سوشل سيڪيورٽي ڪورٽس نه هجڻ ڪري 10ملين فيمليز پنهنجي بنيادي حق کان محروم آهن عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 7فبيروري 2023ع تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت جي ٻڌڻي وري مٿين سال جي ٻئي مهيني ۾ ٿيندي مطلب جيستائين ٻڌڻي ٿئي تيستائين به مزدور ٽڪي ڌڙيءَ ڪم ڪندا، مٿي هڪ طرف سنڌ حڪومت حڪمناما لکيا پوءِ وري عدالت سڳوري ۾ ٻڌڻي جي رپورٽ لکي پر ڇا ٻنهي مان مزدورن جي ڪنهن حل جي ڳالهھ نڪتي؟ جواب سئو سيڪڙو نه ئي آهي. ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين ڳالهھ ڪجي ته هزارين ننڍا توڙي وڏا هوٽل آهن جتي هڪ مزدور جي ڏهاڙي گهٽ ۾ گهٽ 250 آهي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ 500 رپيا آهي پر افسوس جو انساني حقن جون تنظيمون، مزدورن جون تنظيمون، ٽريڊ يونين توڙي ڪنهن به سياسي توڙي سماجي تنظيمن ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. جڏهن حڪومت ئي عمل نه پئي ڪرائي ته هي تنظيمون به ڇا پيون ڪري سگهن اهي به سکڻا مذمت ڪرڻ جا بيان ڏيندي پريس رليز جاري ڪري ڇڏيندا آهن. هي ته ٿي ويا رڳو هوٽل جا مزدور جن جي صرف ڏهاڙي ٻڌائي پر هنن کان ڪم به 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ ورتو ويندو آهي. هوٽل مزدورن کان پوءِ پيٽرول پمپ تي ڪم ڪندڙ، شاپنگ مال تي ڪم ڪندڙ، سپر مارڪيٽن ۾ ڪم ڪندڙ، ننڍن ننڍن فوڊ پوائنٽس کان وٺي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ڏهاڙي دار هارين سان به ساڳيو حشر آهي ته هنن کي گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار مهينو کان وڌ ۾ وڌ 15 هزار مهينو پگهار ڏني پئي وڃي. اهي سڀ اهي مافياز آهن جيڪي پنهنجي ظلم سان مزدورن تي ڏاڍ، گار گند توڙي هراسان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهن ڇڏيندا، فيڪٽري، هوٽل، پيٽرول پمپ، شاپنگ مال، سپر مارڪيٽ، فوڊ پوائنٽس توڙي مختلف دڪاندار يونين جو ناجائز فائدو وٺي مزدورن سان ظلم ڪندا آهن ۽ مزدورن کي گهٽ پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ان مافياز لاءِ ڪو ماڻهو يا حڪومت ايڪشن کڻندي آهي ته هو يونين جو ناجائز استعمال ڪندي ڪاروبار بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏيندا آهن جن سان نه رڳو حڪومت کي پر هر مزدور کي نقصان پهچندو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي فيصل ايڌي صاحب چيو هو ته ڳوٺن ۾ فقط 5 هزار جي اندر ڳوٺاڻن کان پورهيو ڪرايو پيو وڃي. ان جو مقصد اهو آهي ته اسين ان معاشري ۾ پيا رهون جتي صرف ساهه کڻڻ لاءِ ماڻهو ويٺا آهن، باقي مستقبل ۾ جيڪو ٿيو سو ٿيو. وڌندڙ مهانگائي ۾ گهر جا جڏهن سڀ ڀاتي ڪمائن ٿا تڏهن ئي سڀ 3 ويلا ماني کائڻ لائق آهن، اگر گهرڀاتي ڪو بيمار ٿي پئي ته هڪ ڏينهن چلهو ٻرڻ مشڪل آهي. سئو ڳالهه جي هڪ ڳالهه ته هتي جيڪو ڳالهائيندو آهي ان جو منهن بند ڪرايو ويندو آهي، هتي اڻ پڙهيل افغانين جي حفاظت لاءِ سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ قوم جي ٽيڪس مان پگهار کڻندڙ پوليس اهلڪارن کي ٻاهرين آيل افغانين ڪاروبارين کي سڪيورٽي ڏني ويندي آهي، جڏهن ته ڊگري هولڊر نوجوانن کي ويگو ڊالي ۾ کنڀي گم ڪيو ويندو آهي ۽ گم ڪيلن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج ڪندڙن تي به بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن. ڳالھه گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي هئي ته صحافت ۾ ڪم ڪندڙ ورڪنگ جرنلسٽ به انهيءَ مسئلي جو شڪار آهن، جيڪي دنيا جا ڏک درد اخبار توڙي اليڪٽرونڪ ميڊيا تي ڏيکاري سگهن ٿا پر پاڻ فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا آهن. نالي وارا ميڊيا هائوس توڙي اخباري ادارا لکين رپين جا اشتهار وٺي پاڻ ڪروڙ پتي ته بڻجي ويا پر پورهيو ڪندڙ صحافي صرف 10 کان 25 هزار پگهار کڻن ٿا تنهن باوجود هو ايئن سمجهن ٿا ته متان سڀاڻي ادارو ڪڍي ڇڏي ۽ هر وقت هو انهيءَ ڊپ ۾ رهن ٿا. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سياسي بيانن ۽ اختلافن کي کي بعد ۾ ڏسي ۽ پهرين گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري حڪم تي عمل ڪرائي ته جيئن مزدورن جي نظر ۾ پيپلزپارٽي بهتر پارٽي سمجهي وڃي .
