قمبر ۾ اعجاز چانڊيو جي قتل خلاف احتجاج، ڌرڻو

قمبر (ن س) قمبر ۾ آل سنڌ روينيو ايپلائيز طرفان مختيار ڪار آفيس آڏو ڌرڻوهڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج مختيارڪار اعجاز علي چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي مختيارڪار عبدالسميع،اسسٽنٽ مختيار ڪار امتياز ڪمالاڻي،جان شير ميمڻ،سيد علي گوهر شاهه،رسول بخش،غلام مصطفي گاڏھي ۽ ٻين چيو ته مختيار ڪار اعجاز چانڊيو کي انڪروچمينٽ هٽائڻ دوران لينڊ مافيا سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جيڪو تمام وڏو ظلم آهي هنن مطالبو ڪيو ته اعجاز چانڊيو جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں