لاڙڪاڻي ۾ پوليس پاران ٻن ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ميروخان چوڪ معظم ڪالوني واري علائقي ۾ مبينا ڦر دوران پوليس هٿان گرفتار ڪرڻ بعد پوليس موبائيل مان ٻن ڄڻن جي فرار ٿيڻ وارو معاملو، وارثن پاران پوليس جي اهڙي دعوي کي رد ڪندي ٻنهي ڄڻن کي کنڀي گم ڪري سندن آزادي عيوض 10 لک روپيا رشوت طلب ڪرڻ جا الزام لڳائيندي وليد پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شهر جي غريب آباد پاڙي جي رهواسڻ روبينه چانڊيو پنهنجي ننهن شبانه، ڌيءَ عظمان، ڀاڄائي صنم، پٽ ثناءَ الله چانڊيو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته وليد ٿاڻي جي پوليس گذريل خميس ڏينهن منهنجي پٽ سڌير چانڊيو ۽ ويڳي ڏهٽي شاهه جهان ڪهيري مٿان ڦر جو ڪوڙو الزام لڳائي کين گرفتار ڪري پهريان وليد ۾ بعد ۾ سي آءِ اي ٿاڻي منتقل ڪيو جنهن بعد ايس ايڇ او وليد عبدالغفور ڇٽو ٻنهي جي آزادي لاءِ 10 لک روپيا رشوت گهري ان تي اسان کيس 4 لک روپيا به ڏنا پر ان جي باوجود پوليس سندن جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ بجاءِ سوشل ميڊيا تي اهو بيان هلايو آهي ته ٻئي ڄڻا پوليس موبائيل مان فرار ٿي ويا آهن جن کي نامعلوم هنڌ لڪايو ويو آهي خدشو آهي ته پوليس انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري فل فراءِ يا هاف فراءِ ڪندي. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي پٽ ۽ ويڳي ڏهٽي مٿان ڪيس داخل آهن ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ان کان اڳ به وليد پوليس کين گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا هن ڪيسن ۾ هو آزاد ٿي چڪا ۽ هو هاڻي خضدار ۽ شيخ زيد موڙ تي ويگن جا اسٽارٽر آهن جن کي بيگناهه کنڀي گم ڪري وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ ۽ ڏهٽي کي کي آزاد ڪرائي ايس ايڇ او وليد عبدالغفور ڇٽو خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت اسين پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں