نوابشاهه(ڊ ر) تعلقي قاضي احمد جي ڳوٺ حمزو خان جتوئي جي رھواسڻ عورت مسمات نعمت پنھنجي گونگي مڙس سومر خان جتوئي ۽ معصوم گونگي نياڻي امن جتوئي سان گڏ ڏيرن ۽ قاضي احمد پوليس جي ظلمن خلاف نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيون آھي ته تازين برساتن سبب اسان جو گھر ڊھي تباھه ٿي ويو ھو جڏھن ته اسان معصوم ٻارڙن سان گڏجي قاضي احمد شھر ۾ ڏير مسعود جتوئي جي گھر ۾ رھڻ لڳاسين جڏهن ته ھاڻي ڏير گھر مان ڪڍڻ لاءِ منھنجي درويش پٽ احمد خان تي 15 لکن جو سون چوري ڪرڻ جو الزام لڳائي ان کي قاضي احمد پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي گم ڪري ڇڏيو آھي، ھن چيو ته اسان جي گھرن ۾ اڃان تائين پاڻي بيٺل آھي، جڏھن ته اسان ھن وقت ڪاڏي وڃون، ھن چيو ته منھنجو پٽ درويش آھي مونکي خطرو آهي ته منھنجو ڏير منھنجي پٽ کي مارائي ڇڏيندو، جڏھن ته مونکي، منھنجي مڙس ۽ ٻارڙن کي ڏيرن مان جان جو خطرو آھي، ھن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي پٽ جي پوليس کان آزاد ڪرائي مونسان انصاف ڪيو وڃي
