نوشهروفيروز( ڊ ر)ڪنڊيارو شهر جي شهباز ڪالوني جي رهواسڻ مسمات فهميدا ن هنڱورو پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي ته هوءَ پنهنجي 20 سالن جي ڌيءُ رضوان سان نوشهروفيروز ڏانهن دوا وٺڻ ٿي آئي ته ڀريا سٽي ڀرسان شاهه جهان پيٽرول پمپ وٽ 4 هٿيار بندن وين کي جهلي سندس ڌيءُ رضوان کي اغوا ڪري ويا آهن جن کي مون سڃاتو انهن ۾ سندس ڌيءُ جو اڳوڻو مڙس خالد تڳر ،جاڙو، مظهر ۽ ناکو تڳر شامل هئا جڏهن ته هڪ سال اڳ خالد تڳر منهنجي ڌيءُ رضوان سان شادي ڪئي هئي ۽ سندس مٿان روز تشدد ڪندو هو جنهن کان پوءِ 5 مهينا اڳ خالد تڳر ڪيس طلاق ڏئي ڇڏي آهي ۽ اهڙو ڪيس ڪورٽ مان اسان پڻ کٽي آيا آهيون پر هاڻي ظالمن ظلم ڪري منهنجي نياڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن ۽ مونکي خوف آهي ته کيس قتل ڪيو ويندو
