ٽنڊو آدم ۾ مختيارڪار جي قتل روينيو ملازمن جو احتجاج

ٽنڊوآدم ( ن س ) ڪراچي ۾ لينڊ گريبرن ھٿان شھيد ٿي ويل مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي واقعي خلاف آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي سڏ تي ٽنڊوآدم ۾ روينيو آفيسن جي تالا بندي ڪري ملازمن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ۽ ٻوڏ جي سروي جو بائيڪاٽ ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن خدا بخش جوڻيجو . سپروائيزار تپيدار امداد سريوال . نظير احمد ٻگھيو . وسيم احمد چنه . سھيل ڪوريجو . تپيدار علي رحيم کوسو . تپيدار آچر ساند . تپيدار اياز علي لاکو . زاھد پنھور . علي نواز ٻجورو ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۾ مختيارڪار اعجاز چانڊيو کي ھڪ سازش تحت پوليس جي موجودگي ۾ سرعام قتل ڪيو ويو آھي جنھن جي اسان ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ھنن چيو ته اسان ان واقعي خلاف روينيو آفيسن اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس . مختيارڪار آفيس . سب رجسٽرار آفيس ۽ سٽي سروي آفيس جي تالابندي ڪري ٻوڏ جي سروي جو به بائيڪاٽ ڪيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي مئجسٽريٽ جا پاور ڏنا وڃن ھنن مطالبو ڪيو ته مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻئي طرف مختيارڪار سانگھڙ غلام شبير سھتو . مختيارڪار ٽنڊوآدم رحم علي زرداري ۽ مختيارڪار ڄام نواز علي ذوالفقار چنه مٺي پھچي مرحوم مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت ڪئي . 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں