ٽنڊو غلام علي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جو احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوغلام علي(ن س) ٽنڊوغلام علي ۾ به گرينڊ ھيلٿ الائينس جي سڏ تي ھيلٿ رسڪ الائونس جي بحالي لاء آر ايڇ سي اسپتال جي ڊاڪٽرن, پيرا ميڊيڪل جي ملازمن ۽ ليڊي ھيلٿ ورڪرز او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻ علي غلام علي جلالاڻي جي اڳواڻي ۾ سرڪاري اسپتال کان احتجاجي مظاھرو ڪندا شاھي بازار کان ٿيندا نعريبازي ڪندا پريس ڪلب اڳيان پهتا جتي مظاھرين اڳواڻن علي غلام جلالاڻي, محمد صالح باگراڻي, رياض قادري, ڊاڪٽر قاسم کوسو, ڊاڪٽر آصف باگراڻي, ڊاڪٽر مظهر ڀرڳڙي ليڊي ھيلٿ ورڪر نورجهان, مهرالنساءُ ۽ ٻين ٻڌايو ته ھر ڏکئي وقت ۾ سنڌ حڪومت اسان کان ڪم ورتو آھي ۽ ھيلٿ رسڪ الائونس به اسان جو بند ڪيو آھي ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جو رسڪ الائونس جاري ڪري ھيلٿ ملازمن مان بيچئيني ختم ڪئي وڃي اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين رسڪ الائونس نه ڏنو ويندو تيستائين احٿجاج جاري رھندو مظاھرين جي ٻانهن تي ڪاريو پٺيون ٻڌل ھنيو ۽ ملازمن جي ھٿن ۾ گرينڊس ھيلٿ الائيئنس جا جهنڊا پڻ ھئا, ٻي طرف اسپتال ۾ ايندڙ غريب مريضن ڏنو ملاح, ڀيملو ٺاڪر ۽ ٻين چيو ته سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن سميت پوري عملي جو بائيڪاٽ ھئڻ ڪري ڊاڪٽرن علاج ڪرڻ کان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو ايندڙ مريضن صحافين کي وڌيڪ ٻڌايو ته اسان علاج لاء اسپتال ۾ اچون ٿا پر ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل جي عملي جي رسڪ الائونس لاء ھڙتال سبب اسان غريبن جو علاج نه ٿيڻ ڪري اسان بغير علاج جي مايوس ٿي واپس ھليا وڃون ٿا ۽ اسان غربت سبب پرائيوٽ اسپتال جو علاج مانگهو ھئڻ ڪري نٿا ڪرائي سگهون جنهن ڪري اسان ويتر بيماري ۾ جڪڙجي رھيا آھيون مريضن وڌيڪ چيو ته اسان جا ٻوڏ ۾ فصل ٻڏي ويا ۽ گهر ڪري تباھ ٿي ويا ۽ ھاڻي علاج جي سهوليت به ختم ڪئي وئي آھي جنهن سبب اسان جو علاج نه ٿيڻ ڪري سخت پريشان آھيون, 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں