ڄامشورو ۾ مهراڻ جي شاگردن جو انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشورو مهراڻ يونيورسٽي جي  سچل ھاسٽل ۾ شاگردن  سان ملڻ ايندڙ والدين سان بد اخلاقي ڪرڻ ۽ ھاسٽل اندر  غير معياري کاڌا ڏيڻ خلاف شاگرد سراپا احتجاج  سينٽرل ڪينٽين اڳيان احتجاجي مظاهرو.ڄامشورو مھراڻ يونيورسٽي جي سچل هاسٽل ۾ شاگرد سان ملڻ آيل والدين سان انتظاميا پاران والدين سان بداخلاقي ڪرڻ   هاسٽل اندر شاگردن کي ملندڙ غير معياري کاڌو ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف سخت نعريبازي. ڪندي سنٽرل ڪينٽن جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگردن نويد ڪاڪيپوٽا. سومر مڱريو. ريحان ڪولاچي زين بلوچ ۽ ٻين جيو تـ ھي يونيورسٽي ناھي قيد خانو آھي ھتي شاگرد اچن ٿا اھي قيد ڪيا وڃن ٿا وري انھن سان والدين ڀائر مٽ مائٽ ملڻ اچن ٿا انھن سان بداخلاقي ڪئي وڃي ٿي ۽۔  ھاسٽلن اندر صفائي سٿرائي ناھي جنھن سبب اسان سخت پريشان آھيون ھنن وي سي کان مطالبو ڪيو آھي تـ بداخلاقي ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري ھاسٽلن اندر ڪينٽن جا کاڌا چيڪ ڪيا وڃن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں