لاهور ( بيورو ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري واري معاملي ۾ اسان پوئتي هٽي ويا آهيون. لاهور ۾ سينيئر صحافين ۽ اينڪرپرسنز سان ملاقات دوران عمران خان چيو ته نواز شريف چاهي ٿو ته ڪو اهڙو آرمي چيف اچي جيڪو سندس معاملن ۽ ڪيسن جو خيال رکي. هن چيو ته ڪو به آرمي چيف اهڙو نه ايندو جيڪو اداري، رياست ۽ عوام جي آواز خلاف وڃي، اسان آرمي چيف جي مقرري واري معاملي ۾ پوئتي هٽي ويا آهيون ۽ پوئتي ويهي سڀ ڏسي رهيا آهيون. توشه خانه ڪيس ۾ الزامن بابت اڳوڻي وزيراعظم چيو ته توشه خانه ڪيس تي دبئي، لنڊن ۽ پاڪستان ۾ لاڳاپيل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪنداسين، توشه خانه ڪيس ۾ جيڪو سامان کپايو اهو اسلام آباد ۾ وڪرو ڪيو، رسيدون ۽ تاريخون توشه خانه ۾ موجود آهن، توشه خانه بابت جڏهن گواهيءَ ۾ وينداسين، ڪيس ختم ٿي ويندو. آمريڪا سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آمريڪا سان جيهڙو ناهي، هاڪاري ۽ بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، آمريڪا واري معاملي ۾ ذاتي مفاد تي قومي ترجيحن کي اهميت ڏيندس. هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ رول آف لا نه هوندو اهو ڪڏهن ترقي ناهي ڪندو، رول آف لا سان آزاد قوم ٺهندي آهي جيڪا ملڪ کي ترقي ڏانهن وٺي ويندي آهي. حڪومت سان ڳالهين بابت ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان کي ڳالهين لاءِ پيغام موڪليا پيا وڃن، پر اسان چيو آهي ته اليڪشن جي تاريخ ڏيو، صاف شفاف اليڪشن ئي سياسي بحران جو حل آهي. آمريڪا واري معاملي تي بيان کي غلط طريقي سان پيش ڪيو ويو، آمريڪا منهنجي حڪومت ڪيرائي پر ملڪي مفاد سبب انهن سان سٺا لاڳاپا رهندا. بعد ۾ عمران خان جهلم ۾ مارچ کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته اسان اهو چاهيون ته رڳو ننڍو چور جيل ۾ نه وڃي، اسان چاهيون ته صفا شفاف چونڊون ٿين، نئين حڪومت اچي، جيڪڏهن اسان پنهنجي قرضن جي قسط واپس نٿا ڪيون ته ڊالر اچڻ بند ٿي ويندا، اسان چاهيون ٿا ته شفاف اليڪشن ڪرائي ملڪ کي ان دُٻڻ مان ڪڍون. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته چونڊون انڪري تڪڙيون نه ٿينديون ڇو جو نواز شريف ۽ آصف زرداري ڊنل آهن ته اسان اليڪشن هارائي وينداسين،هي ماڻهو آرمي چيف جي مقرري لاءِ نااهل آهن، مان انهن جي ڳالهه نه پيو ڪيان جن کي ناهي لڳائڻو آهي، مان انهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جن کي لڳائڻو آهي، ن ليگ ۽ خانگي ميڊيا گروپ اسان جي خلاف مهم هلائي رهيا آهن، مان انهن خلاف لنڊن ۾ ڪيس ڪندس. هن چيو ته مون کي پاڪستان جي انصاف واري نظام مان ڪائي اميد ناهي، ملڪ جي سينيٽر کي انصاف نه ملندو ته عام ماڻهو جو ڇا ٿيندو؟ اسان کي ارشد شريف لاءِ انصاف گهرجي، ڪنهن کيس پاڪستان ۾ ڌمڪيون ڏنيون، پتو لڳائڻ گهرجي ارشد شريف ڇو دبئي کان ڪينيا وڃڻو پيو؟ .
