تلهار(ن س)هڪ هفتو اڳ تيز رفتار ڪار ۽ چنگچي رڪشه جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل تلهار جي ڳوٺ رامون ڪولهي واسي ٻيو زخمي ڄيٺو ڪولهي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو زخمين ۾ هڪ پيرسن عورت سميت ٻن ڄڻن جي حالت اڃان به ڳڻتي جوڳي ، فوتي جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي وارث عورتن ۾ قهرام مچي ويو آهي ،وارثن پاران الزام آهي ته پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي هنن احتجاج ڪندي وارثن آتم داس ڪولهي گومندر مل ،ڪيول ڪولهي ۽ ٻين چيو آهي ته هڪ هفتو اڳ تلھار بدين روڊ هائي وي تي تيز رفتار ڪار ۽ چنگچي رڪشه جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿيو هو جڏهن ته هڪ نوجوان هتو ڪولهي موقعي تي فوت ٿي ويو هو حادثي ۾ 8 کان وڌيڪ مرد عورتون ۽ ٻار زخمي ٿيا جنهن مان اڄ هڪ ڄيٺو ڪولهي فوت ٿي ويو آهي هنن چيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي اڃان تائين حادثو ڪندڙ ڪار مالڪن مان اسان وٽ اڃان تائين ڪير به ناهي آيو ۽ نه ئي اسان جي زخمين جو ڪو اعلاج ڪرايو آهي جنهن جي وجه سان اڄ اسان جي گهر ۾ ٻيو ماڻهو به فوت ٿي ويو ۽ هڪ پيرسن عورت سميت ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ٻيا به زخمي آهن هنن ايس ايس پي بدين شاهنواز کان مطالبو ڪيو آهي ته کانئن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو واضع رهي ته هڪ هفتو اڳ تلھار ويجهو حيدرآباد بدين هائي وي تي تيز رفتار ڪار ۽ چنگچي رڪشه ۾ ٽڪر ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص هتو ڪولهي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو هو جڏهن ته 8 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا هئا جنهن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن .
