دادو ۾ هيلٿ ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري

دادو(ڊ ر)گرينڊ هيلٿ الائينس جي پليٽ فارم تان سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي آڏو قائم ڪئمپ ۽ سي ايم هائوس ڏانهن پر امن ريلي تي گورنمينٽ پاران ڪيل رياستي ڏاڍ خلاف سول اسپتال دادو ۾ وارڊن، اوپي ڊي کي مڪمل  بند ڪري سول اسپتال دادو ۾ ڪئمپ هڻي سخت نعري بازي ڪندي  GHA دادو جي اڳواڻن  ڊاڪٽر احسان علي پنهور، ڊاڪٽرشيراز ڏاوڇ، ڊاڪٽر محمد بخش بلوچ،  امتياز چانڊيو چيو ته اسان جي احتجاج کي 31  ڏينهن گذري ويا آهن  پر حڪومت پنهنجي هوڏ تان ھٽڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان جا مسئلا رسڪ الائونس، سپوٽنگ اسٽاف جو ٽائيم اسڪيل، پئرا ميڊيڪل اسٽاف جو سروس اسٽڪچر ڊاڪٽرس جا پروموشنس  نرسزس جا پروموشنس سميت GHA جي ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ ۾ ڏنل مسئلا حل ڪري صحت  کاتي ۾  ڪم ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں