شهزادو شيخ
دنيا جي تاريخ ۾ عورتن جا تمام گهڻا مثال آهن جن پنهنجين صلاحيتن جدوجھد ۽ محنت سان پنهنجو پاڻ کي مختلف شعبن ۾ مڃرايو آهي اهڙي طرح هي عظيم عورت مادام ڪيوري به انهن مان هڪ آهي جنهن دنيا ۾ پهرئين سائنسدان عورت جو اعزاز حاصل ڪيو. هن بحيثيت ڌي، ماء، ڀيڻ، زال، دوست، معلم ۽ سائنسدان طور پنهنجا فرض خوش اسلوبيءَ سان سر انجام ڏنا هي سائنسدان عورت جفاڪش، فرض شناس نظم وضبط سان سرشار هئي.
مادام ڪيوري جو جنم 7 نومبر 1867ع پولينڊ جي گادي واري شهر وارسا ۾ ٿيو مادا ڪيوري جو اصل نالو “ماريا” هو ۽ پيار مان “منيا ” ڪري سڏيو ويندو هو سندس والد جو نالو “ولاڊ سلوف اسکوڊ وسڪي” ( vladislov sklodovski) هيو ۽ سندس والده جو نالو” فيلڪس بوگسڪي” هيو. مادام ڪيوري دنيا جي پهرين سائنسدان عورت هئي جنهن پنهنجي سائنسي خدمتن ۾ 2 دفعا نوبل پرائز حاصل ڪيو. هن کي جنگ کان نفرت هئي ۽ امن سان پيار هيو هن پهرين 1914ع واري مهاڀاري لڙائيءَ ۾ سائنسي علم جي ذريعي زخمي فوجين جو علاج ڪيو. ان جي سائنسي ڪوششن جي نتيجي سان پئرس ۽ وارسا ۾ ريڊيم انسٽيٽيوٽ قيام عمل ۾ آيو. جيئن شام ٿيندي هئي ته سينٽ جينيوئر لائبريري هلي ويندي هئي اها ان جي گهر جي آسپاس هوندي هئي سرديء جي موسم ۾ گيس کي ٻاري پاڻ کي گرم رکندي هئي ته جئين آرام سان مطالعو ڪري سگهي. جڏهن لائبريري جو وقت ختم ٿيندو هو ته اها گهر واپس هلي ويندي هئي رهيل ڪم گهر ۾ پورو ڪندي هئي آخر ڪار ان جون اکيون ننڊ جي خمار سان ڀرجي وينديون هيون تڏهن به اها بي خبر ھوندي ھئي سردي جي موسم ۾ ڪوئلا ختم ٿي ويندا هيس ته اها ڏڪندي ٿرڪندي رات گذارندي هئي مگر اها ان جي لاءِ تڪليف واري زندگي هئي پر ان جسماني تڪليف جي باوجود به دلڪش نظر ايندي هئي اها عظيم سائنسدان عورت فضول ڳالهين ۾ پنهنجو وقت ضايع نه ڪندي هئي هڪ هڪ منٽ بچائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي مادام ڪيوري علم دوست هئي سندس گفتگو سائنسي مسئلن تي هوندي هئي ۽ اها ڪوشش ڪندي هئي ته پنهنجو رهيل ڪم جلدي ختم ڪري. مادام ڪيوري قدرتي نظارن مان گهڻي لطف اندوز ٿيندي هئي سندس رياضي مضمون پسنديده هيو ۽ رياضي ۾ ماهر هئي. سندس شادي ائرين اور پيئر ڪيوري سان 26 جولائي 1895ع ۾ ٿي ۽ اهو ڏينهن ٻنهي لاءِ عظيم ڏينهن هو. هن عظيم سائنسدان عورت سائنس جي دنيا ۾ هڪ نئون عنصر ريڊيم دريافت ڪيو هن عنصر جي ذريعي مختلف بيمارين جو علاج ڪيو ويندو آهي ريڊيم عنصر جي ذريعي ڪينسر (سرطان) جو علاج ڪيو ويندو آهي جيڪو هن وقت تائين ڪيو ويندو آهي ريڊيم عنصر جي ڪاميابي مادام ڪيوري ڏانهن وڃي ٿي. جنهن پنهنجي علم ۽ تجربي جي ذريعي حاصل ڪئي. هن سائنسدان عورت پنهنجي محنت ۽ دل جي لگن سان نوبل پرائز انعام حاصل ڪيا هن نوبل پرائز انعام جو سلسلو 1901ع ۾ ٿيو هي وڏو انعام آهي هي انعام سويڊن جو بادشاھ پنهنجي هٿن سان مرمت ڪندو هيو اهي انعام بادشاهه جي وصيعت مطابق بهترين سائنسدانن ۽ منصفن لاءِ پنج انعام مخصوص ڪيا ويا جيڪي هي آهن. (1) طبيعيات( 2) ڪيميا (3) طبعي تحقيق( 4) ادب( 5) بين الاقوامي مفاهمت جي ڪوشش جا انعام شامل آهن. سائنسدان مادام ڪيوري پهرين عورت هئي جنهن 2 دفعا نوبل پرائز انعام حاصل ڪيا. ماري جي سائنسي ڪوششن تي پئرس ۾ 1920ع ۾ ڪيوري فائونڊيشن قيام عمل ۾ آئي ان جو خاص مقصد ريڊيم انسٽيٽيوٽ ۾ سائنسي ۽ طبعي تحقيق جي لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. جنهن ڪجهه ماڻهن ان ۾ دل کولي چندو ڏنو. هن کي شهرت کان نفرت هئي اها پنهنجي سائنسي تحقيق ۾ ڏينهن رات رڌل هوندي هئي ايتريقدر جو ماري کي سٺي ليبارٽري نه هئي نه تمام ضروري سائنسي اوزار هيا ۽ نه ئي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پئسا هيا پوءِ به جوش ۽ جذبي سان محنت ڪندي رهي ريڊيم دريافت ڪيو ۽ ريڊيم جو ايٽمي وزن ايجاد ڪيو ان پنهنجي سائنسي معلومات سان 1914ع ۾ عالمگير جنگ ۾ ايڪسري جي مدد سان لکن جي تعداد ۾ زخمي فوجين جو علاج ڪيو اذيت مان ڇوٽڪارو ڏياريو انهيءَ ڪوششن جي ذريعي ريڊيم انسٽيٽيوٽ پئرس ۽ وارسا انسٽيٽيوٽ قيام عمل ۾ آيا اها هڪ خاموش انسان هئي ۽ خاموشي سان ڪم ڪرڻ چاهيندي هئي ۽ خاموشي سان ان رخصتي ڪئي اها هڪ عظيم سائنسدان عورت هئي هن سائنسدان عورت جي وفات 14 جولائي 1934ع جي چمڪندڙ ۽ خوبصورت صبح جو سج پنهنجا آخري روشني جا ڪرڻا مادام ڪيوري جي منهن تي نثار ڪيا ۽ شمع وسامي وئي ماري ڪيوري جي خواهش مطابق تدفين جون رسمون بلڪل سادي نموني ادا ڪيون ويون.
غمزده ڀينرن ڀائرن ۽ عزيزن رشتيدارن شرڪت ڪئي هي پولينڊ جي ڌي، پئرس جي نوح پنهنجي مڙس جي آبائي قبرستان سيئوجي مقام ۾ دفنايو ويو. غمزده ڀاءُ ۽ ڀينرن هڪ بوتل ۾ وطن جي مٽي کڻي آيا هئا اها قبر جي مٿان ڇٽي وئي سندس ڪيل ڪارنامو ھميشه زندھ جاويد بڻجي ويو آهي ان جي زندگي هڪ نمونو هيو ان بحيثيت ڌي ماءُ زال ڀيڻ معلم دوست ۽ سائنسدان طور فرض نهايت خوش اسلوبي سان سر انجام ڏنا. اڄ تائين وارسا ريڊيم انسٽيٽيوٽ جي سامهون ان جو مجسمو بيٺل آهي جيڪو دنيا جي عورتن کي دعوت عمل ڏئي رهيو آهي.
