نيويارڪ (خاص عيوضي وٽان) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) سنڌين جو اهڙو انٽرنيشنل ادارو هجڻ گهرجي، جتان حقن لاءِ پوليٽيڪل ايڊوڪيسي پڻ ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار سانا جي چونڊن ۾ پروگريسو پئنل جي صدارتي اميدوار مقبول هاليپوٽو روزاني “سنڌ” سان ڳالهائيندي ڪيو. مقبول هاليپوٽو جو چوڻ آهي ته سانا جي منشور ۾ اهو لکيل آهي ته سڄي دنيا ۾ جيڪي به سنڌي ماڻهو رهن ٿا، انهن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته 20 سال پهرين ۽ هاڻوڪي دور ۾ ڪافي فرق آهي، اڳ ۾ تمام گهٽ ماڻهو آمريڪا آيل هئا، پوءِ دل چاهيندي هئي ته گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ هڪ دفعو پنهنجي ڪميونٽي جي ماڻهن سان ملجي پر هاڻي ڪافي تعداد ۾ سنڌي ماڻهو آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ اچي ويا آهن، پاڻ ۾ ميل ميلاپ ٿيندو رهي ٿو ۽ ساڳئي وقت سوشل ميڊيا ۽ دنيا ڊجيٽل ٿيڻ ڪري اهو احساس گهٽ ٿيو آهي. سانا جي صدارتي اميدوار مقبول هاليپوٽو جو چوڻ آهي ته سانا جي پروگرام لاءِ سندس ٽيم وٽ مکيه ٽي مقصد آهن، پهرين نمبر تي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙن وچ ۾ سوشل نيٽ ورڪ هجڻ گهرجي، ٻئين نمبر تي ويلفيئر يا چيئرٽي آهي، جنهن وسيلي سانا پاران ماضيءَ ۾ به ڪم ڪيل آهي. سنڌ ۾ ذهين شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ، 2010ع واري ٻوڏ ۾ سنڌ اينگرو جي معرفت ڪيٽل پروگرام تحت متاثر ماڻهن کي پالتو جانور ڏنا ويا. هن چيو ته محدود وسيلن سبب گهڻي مدد ڪرڻ جي پوزيشن نه هوندي آهي. سانا پنهنجي ميمبرن جي سالياني في ۽ ميمبرن جي مالي مدد سان مشڪل سان ڪم هلائي ٿي، ڪا به ٻاهرين ڊونيشن ڪو نه وٺندا آهيون، ان ڪري لوڪل ليول تي ماڻهن جي گهڻي مدد نه ڪري سگهندا آهيون. مقبول هاليپوٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس ٽيم جو ٽيون اهم مقصد پوليٽيڪل ايڊوڪيسي ڪرڻ آهي، جنهن تي ڪم نه ٿو ڪيو وڃي. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته سانا سياست ۾ ڪم نه ٿي ڪري سگهي. منهنجي ٽيم جو موقف آهي ته اسان پوليٽيڪل ايڊوڪيسي ڪرڻ جو حق رکون ٿا. هن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هيومن رائيٽس جي خلاف ورزين، سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ خلاف، سنڌو درياءَ جي بحاليءَ لاءِ، مذهبي طور ٿورائي وارن سان ڏاڍاين خلاف، زوري ماڻهو کڻي گم ڪرڻ خلاف، ڊيلٽا جي بحالي، ٻيٽن تي قبضي خلاف، ثقافتي سرگرمين لاءِ ضرور آواز اٿارڻ گهرجي. اهو اسان جي منشور ۾ شامل آهي، اهڙا ڪيس تيار ڪري بين الاقوامي ادارن کي تڪليفن کان آگاهه ڪرڻ جو پروگرام رکون ٿا ۽ اسان جا ٻيا دوست جيڪي مقابلي ۾ آهن، اهي هن طرف توجهه نه ٿا ڏين. اسان جي ٽيم ۽ مقابلو ڪندڙ دوستن ۾ اهو واضح فرق آهي. هن چيو ته اسان جو ڪم صرف ساليانو فنڪشن ڪري گيت ٻڌي واهه واهه ڪرڻ نه هجڻ گهرجي، اسان جي ٽيم انفرادي طور به اڳ ۾ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي، پر اسان اداري طور سانا جي پليٽ فارم تان اهو سگهارو ڪم ڪري سگهون ٿا. هن سانا جي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته هو سندس سڄي پينل کي ڪامياب ڪن، جيئن هو پنهنجي ايجنڊا تي ڪم مڪمل ڪري سگهي.
نيويارڪ: سانا جي چونڊن ۾ پروگريسو پئنل پاران صدارتي اميدوار مقبول هاليپوٽو پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي، پاڻ 2008 کان 2012ع تائين سانا جو 2 سال سيڪريٽري ۽ 2 سال خزانچي رهي چڪو آهي. پاڻ سانا جو لائيف ميمبر آهي، کيس 2 پٽ آهن. مقبول هاليپوٽو سنڌ ۾ ڳوٺ صالح هاليپوٽو تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊوالهيار جو رهواسي آهي. سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان ايم بي بي ايس پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيو آهي. 1992ع ۾ آمريڪا شفٽ ٿيو آهي. پاڻ سانا ۾ هجڻ سان گڏوگڏ آمريڪا ۾ پوليٽيڪل ايڊوڪيسي جو ڪم به ڪندو رهيو آهي. آمريڪا ۾ پوليٽيڪل ايڪشن ڪاميٽي سان لاڳاپيل رهيو آهي. سنڌ ۾ رهڻ دوران به هڪ متحرڪ ڪردار رهيو آهي. سندس والد به سنڌ جو سول سرجن ۽ سيڪريٽري هيلٿ به رهيو آهي. ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو جو ڀاءُ منور هاليپوٽو لنڊن ۾ رهي ٿو ۽ ماضيءَ ۾ سنڌين جي تنظيم ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو صدر پڻ رهيو آهي.
نيويارڪ: سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي چونڊن جو مرحلو 12 نومبر کان شروع آهي، اٽڪل 2100 ميمبرن مان ڪالهه 15 نومبر تائين 800 ميمبر پنهنجو آن لائين ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن، جڏهن ته ووٽ ڏيڻ جو سلسلو 15 ڊسمبر تائين جاري رهندو. اليڪشن ۾ اميدوارن پاران پئنل طور ۽ انفرادي طور ورڪ ڪرڻ ۽ پنهنجو پروگرام ميمبرن تائين پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي.