سنڌ حڪومت طرفان صحافين لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو هڪ تاريخي ڪاميابي آهي: سيڪريٽري اطلاعات

ڪراچي (بيورو ) سنڌ حڪومت صحافين ۽ ميڊيا پريڪٽشنرز جي تحفظ جي لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهڙو فيصلو اربع جي ڏينهن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگيءَ ڪابينا اجلاس کي صحافين ۽ ميڊيا پريڪٽشنرز جي تحفظ جي لاءِ ٺاهيل ڪميشن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هيءَ ڪميشن صرف سنڌ صوبي ۾ آهي جنهن ۾ ميڊيا اهلڪارن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. هي صحافي برادريءَ کي تحفظ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي طرفان هڪ تاريخي ڪاميابي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحافين ۽ ٻين ميڊيا پريڪٽشنرز جي آزادي، غير جانبداري، تحفظ ۽ اظهار جي آزاديءَ کي هٿي ڏيڻ، تحفظ ڏيڻ ۽ اثرائتي طريقي سان يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪميشن ڪم ڪندو. ڪابينا صحافين ۽ ميڊيا پريڪٽشنرز جي تحفظ جي لاءِ ڪميشن جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن ۾ سيڪريٽري اطلاعات کاتو، سنڌ جو گھرو سيڪريٽري، قانون کاتي جو سيڪريٽري ۽ 9 پرائيويٽ ميمبرن سميت 14 ميمبر هوندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں