ڄامشورو (پ ر) سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چيپٽر سنڌ يونيورسٽي جي طرفان آخري سال جي شاگردن جي مانَ ۾ الوداعي تقريب سنڌي شام سنڌ يونيورسٽي ۾ ملھائي وئي، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ شاگردن شرڪت ڪئي، سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل چيپٽر سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻن يونيورسٽي جي صدر انتظار حسين، جبار بوزدار، لطيف ٻگھيو، ۽ مرڪزي چيئرمين اعجاز جتوئي، ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل حفيظ چانڊيو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مادر علمي سنڌ يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي مجموعي شعور جو اولڙو آھي جتي سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھزارين شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ ايندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاء ايندڙ شاگرد ھتي دنيا جي مختلف نظرين کان واقف ٿيندا آھن ۽ فڪري توڙي فني پختگي سان سرشار ٿي سنڌي سماج ۾ منفرد ۽ نمايا ڪردار ادا ڪندا آھن. سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪافي وقت کان سنڌ دشمن قوتن شاگردن جي غيرنصابي سرگرمين تي پابندي عائد ڪري اڻ سڌي ريت سنڌي نوجوانن ۾ فڪري جمود آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انڪري شاگردن جي تخليقي صلاحيتن کي توسيع بخشڻ لاء اھو ضروري آھي ته سنڌي شاگردن کي منظم ٿي ان جمود کي ٽوڙڻ لاء ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر تعليم دوست، سنڌ دوست سرگرمين جو آغاز ڪرڻو پوندو.تقريب ۾ آيل مھمان سارنگ جويو ۽ عبدالخالق جوڻيجو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سِنڌ يونيورسٽي هميشه کان سِنڌي شاگردَن کي عام رواجي تعليم سان گَڏ قومي شَعُور ۽ انسانيت سان محبت جو دَرس ڏنو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اَڄ سِنڌ دشمنن جي 75 سالہ ڪوششن باوجود سِنڌ ۾ قومي شَعور، وطن سان محبت ۽ رواداري زنده آهي. هن ڀيري به هيءُ ادارو قومي شَعُور ۽ سنڌ جي خدمت جي جَذبي سان ليس شاگرد سماج ۾ موڪلي رھي آھي.
