ڪراچي (بيورو): اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽ اينڊ ميڊيا پريڪٽشنرز، سينيئر سٽيزن ڪارڊ، وليج اليڪٽريفڪيشن جي تحت مختلف ڳوٺن جي سولر انرجي تي منتقلي جي منظوري سميت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. سنڌ ڪابينا جي اجلاس بابت سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته جسٽس (ر) رشيد اي رضوي کي صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته اي پي اين ايس مان قاضي اسد عابد، پي ايف يو جي جي فهيم صديقي، سي پي اين اي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ، پي بي اي مان اطهر قاضي، سنڌ بار ڪائونسل جي اياز تنيو، هيومن رائيٽس ڪميشن جي پروفيسر توصيف احمد، اي پي اين اي سي جي غلام فريد الدين، ايم پي اي شازيه عمر، ايم پي اي سيده ماروي فصيح سميت اطلاعات، گهرو، قانون ۽ انساني حقن جي سيڪريٽرين کي ڪميشن ۾ ميمبر طور شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا سينيئر سٽيزن لاءِ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، جنهن تحت 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي مختلف سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته اڄوڪي اجلاس۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ ڪميٽيون جوڙيون ويون. هن چيو ته متاثر هر هاري کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ گرانٽ ڏني ويندي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت 20 لک هارين کي اها گرانٽ ڏيندي. ان سان هارين کي ايندڙ فصل لاءِ ٻج، ڀاڻ سميت زمين جي تياري ۾ مدد ملندي. صوبائي وزير چيو ته اها سبسڊي زميندارن کي نه پر رڳو هارين کي ڏني ويندي. ڇاڪاڻ ته هاري زميندار سان ڀائيوار طور شامل ھوندا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي دل کولي مدد ڪئي آهي، جنهن جي مثال پوري دنيا ۾ نٿي ملي. جنهن جو ڪريڊٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي وڃي ٿو، جيڪي سنڌ حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هدايتون ڏيندا رهيا. هن چيو ته متاثر علائقن جي شفاف طريقي سان سروي ڪيو آھي، جنهن کي وڊيوز ذريعي ڊاڪيومنٽ ڪيو ويو. اين ڊي ايم اي، پاڪ فوج، اين جي اوز، ۽ سول سوسائٽي جي ذريعي اھڙو وڏو ٽاسڪ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز جي به منظوري ڏني وئي آهي. جنهن تحت متاثرين کي گهرن جي تعمير لاءِ مدد ڏني ويندي. جن جا گهر جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن ان مطابق متاثرن جي مدد ڪئي ويندي. ملڪ جي موجوده صورتحال بابت ھن ٻڌايو ته ملڪ جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، ھڪ شخص جيڪو ڪڏهن مني لانڊرنگ ۽ فارين ۾ پڪڙيو ويو، جنهن تي فيصلا به اچي ويا آهن اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ وٺندو رهيو، ان شخص پيسن جي حوس ۾ قيمتي گهڙي سستي اگهه ۾ وڪرو ڪري ڇڏي، عمران ٻڌائي ته ان وٽ قيمتي گهڙيون خريد ڪرڻ جي رقم ڪٿان آئي، جڏهن ته سندس گوشوارن ۾ ٻڌايل ملڪيت جي تفصيل مان خبر پوي ٿي ته ان وٽ ته گهڙي خريد ڪرڻ جي طاقت ئي نه هئي. هن چيو ته فرنٽ ليڊي ڪير هئي، ان جي سڀني کي خبر آهي. جنهن پنجاب ۾ تحصيلدار کان وٺي ڪري ايس ايس پي مقرر ڪرڻ جا ريٽ فڪس ڪري ڇڏيا هئا. تحريڪ انصاف جي حڪومت وڃڻ جي بعد جيڪڏهن ايتري ايماندار عورت هئي ته ڇو پاڪستان کان ٻاهر ڀڄي وئي. هن چيو ته ٻاهر ويهي ڪري هو عورت اڃان به ريڪٽ هلائي رهي آهي ۽ پنجاب ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ جا پيسا ٻاهر وڃي رهيا آهن. هن چيو ته هي شخص مسلسل يوٽرن وٺندو رهيو آهي سائفر جي معاملي تي ڇهه، اٺ مهينا قوم کي بيوقوف بڻايو- پرچا ڦرڪائيندو رهيو، هاڻي چوي ٿو ته اھا پراڻي ڳالهه آهي، هن چيو ته آمريڪا جي باري۾ پوري قوم جي دل ۾ بغاوت پيدا ڪئي. هن چيو ته لانگ مارچ ناڪام ڏسي ڪري سيف ايگزٽ ڳولڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. وڌيڪ چانسز ان ڳالهه جا آهن ته عمران خان پاڻ تي حملو ڪرائڻ جو ڊرامو رچايو. هي ڪو جيمس بونڊ آهي ته چار گوليون لڳڻ بعد 150 ڪلو ميٽر پري لاهور هليو ويو. ڪڏهن چون ٿا ٻه گوليون ڪڏهن چون ٿا ته چار گوليون لڳيون آهن. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير رانا ثناء الله کي درخواست ڪيان ٿو ته وفاقي ميڊيڪل بورڊ ٺاهي. ڪنهن کي اپيل نه ڪري، پاڻ ان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ته جيئن خبر پوي ته ھن کي ڪيتريون گوليون لڳيون آهن. هن چيو ته عمران خان سڀني کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿو. هن اليڪشن ڪميشن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته هن پاڻ اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو هو. عمران خان عدالتن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هاڻي هڪ اهم اداري کي تڪراري بڻايو پيو وڃي. پاڪ آرمي پنهنجي ذميواريون قانون جي مطابق ادا ڪري رهي آهي ۽ اسان جي سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي. جڏهن اسان کي ضرورت پوندي آهي ته انهن کي قدرتي آفتن ۽ ايمرجنسي جي صورتحال ۾ به انهن جون خدمتون حاصل ڪندا آهيون. هن چيو ته عمران خان کي مني لانڊرنگ ۽ فارين فنڊنگ ۾ سزا ٿيڻي آهي. ان کان بچڻ لاءِ مهم اھا هلائي رهيو آهي. جيڪو شخص پنهنجي صوبي ۾ ايف آءِ آر نٿو ڪٽرائي اهو اڳتي ڇا ڪندو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي وزيراعليٰ پنجاب تي الزام ڇونه لڳايو، هي صرف اسڪور سيٽلنگ لاءِ ڪيو پيو وڃي. وزير اعلیٰ پرويز الاهي ايف آئي آر لاءِ ڏنل ٽن نالن تي عمران خان سان متفق ناھي. صوبائي وزير چيو تہ هن شخص ملڪ کي وڏو نقصان رسايو آهي، نوجوان نسل کي غلط راه تي وجهي ڇڏيو آهي، هن شخص جي خلاف قانون جي مطابق ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان چوي ٿو ته هي گهڙي وڪرو ڪرڻ جي ڪهاڻي ان جي خلاف ڊرامو آهي ته هو پاڻ سچ ٻڌائين ته ڪنهن کي گهڙي وڪرو ڪئي وئي . هن چيو ته عمران خان جو بنيادي ڪم ڪوڙ ڳالهائڻ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهه ٻولهه سٺي ماحول ۾ هلي رهي آهي. ايم ڪيو ايم سان جيڪا ڪميٽمينٽ ڪئي آهي، ان کي پورو ڪنداسين. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس نه گهرائڻ جي سوال تي هن چيو ته 15 کان 20 سيڪڙو علائقن ۾ پاڻي موجود آهي. جتي اسان جا نمائندا پنهنجي علائقي ۾ موجود آهن، جنهن جي ڪري سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ۾ گيپ آيو آهي. مڪاني چونڊن جي سوال تي هن چيو ته پيپلز پارٽي جو هن تي موقف واضح آهي. سڀاڻي مڪاني چونڊيون ڪرائي وٺن. پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد ۾ اسان جا 50 سيڪڙو اميدوار بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن. ڪراچي ۾ پڻ ملير ۾ اليڪشن کٽيو آهي. هن چيو ته اسان چيو هو ته ڪراچي جي اليڪشن ٻن حصن ۾ ڪري وٺو يا وفاق اضافي نفري ڏي. هن چيو ته اسان مڪاني چونڊن کان ڀڄي ناهيون رهيا ، ان لاءِ ھر وقت تيار آهيون. ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي جي ملازمن جي احتجاج تي هن چيو ته صحت کاتي جي ملازمن ۽ ڊاڪٽرز اسان جا پنهنجا آهن انهن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. ڊاڪٽر انتهائي محترم آهن. ڪووڊ ۾ بهترين خدمتن تي انهن کي سلام پيش ڪيون ٿا.ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي جي ملازمن جا جيترا به جائز مطالبا آهن،ان تي ڳالهه ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت تيار آهي. هن چيو ته صحت کاتي جي ملازمن کي ڪووڊ رسڪ الائونس نٿا ڏئي سگهون. ان تي حڪومت کي 22 ارب روپيا خرچ اچي رهيو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرن کي باقي صوبن کان وڌيڪ مراعائتون ڏنيون پيون وڃن. او پي ڊيز بند ڪرڻ صحيح عمل ناهي. هن چيو ته صحت کاتي جا ملازم احتجاج ختم ڪن، حڪومت انهن سان جائز مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
