رياض ابڙو
اصل ۾ وفاقي يا صوبائي حڪومتن کي ٻٽا نظام ڏئي شهري پريشر گروهن کي خوش ڪرڻو اٿن ان ڪري ته شهري پريشر نما گروهن جي سياست رڳو ڪراچي شهر کان وٺي ڪراچي شهر تائين آ، مثال هڪڙو نعرو ٿو هڻي ته “ري بلڊ ڪراچي“ اچو ته ڪراچيءَ کي ٻيهر تعمير ڪيون، وري ٻيو ٻي ڪنڊ مان ٿو اٿي ته ”اسان جو ماضي شاندار هيو ان ڪري هاڻي اسان کي موقعو ڏيو“ (انهن شاندار ماضيءَ وارن دعويدارن کي معني ڊولفن کي هڪ ووٽ به نه ٿو ملي) يا پي ٽي آءِ به ڪراچي جي سياست ۾ هڪ پريشر گروھ ئي ٻڌو ته اهي به نعرو ٿا هڻن ته ”خودمختار ڪراچي“ هاڻي ڳالھ هروڀرو جو هل بکيڙو آ ان ڪري ته جڏهن اهي سڀ ناهن ته به ڪم هلي ٿو يا اهي نظام ناهن ته صوبائي نظام به بهتر ٿو هلي ته پوءِ اتي وفاقي نظام ڪهڙي ڪم جو آ يا ڪراچيءَ جي پنهنجون اسپتالون هاڻي 25 سالن جي لاءِ وري صوبائي سرڪار کي ڏئي ڇڏيون اٿن ته انهن جا نظام سنڀاليو ۽ هلايو ته پوءِ بلديات معني رڳو انهن پريشر گروهن کي بجيٽ جي حولاگيري ڏيڻي آ ته اهي بلدياتي ادارا تفريحي پارڪن کان وٺي گاڏين جي پارڪ ڪرڻ جي قبضي کان وٺي، ميوسنپل ادارن جي ڪمائي پاڻ اڪيلي در کائن جيڪي ملين روپيا وڃي ٿي بيهي، ان ڪري بلدياتي سسٽم معني انهن شهري گروهن کي اڪيلي سر کائڻ ڏيو ان ڪري نظام بهتر ڪيو تجربا ۽ سکڻيون چونڊون نه ڪرايو.
يا وري هاڻوڪي حالتن ۾ پوليس فورس جي اعلي قيادت ته معذرت ڪري ڇڏي آ ته انهن جا پوليس اهلڪار ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ رڌل آهن (يا هيا) ان ڪري اهي اتان جي واندا ٿيندا ته بلدياتي اليڪشن جون ڊيوٽيون ڪري سگهندا، پر (معذرت سان) اليڪشن ڪميشن، صوبائي ۽ وفاقي سرڪار ڪڏهن به پوليس تي ڪنهن به اليڪشن جي لاءِ ڀاڙيو ناهي، اليڪشن ڪميشن وٽ يا عوام وٽ اهي ادارا اعتبار جوڳا ناهن رهيا، ڀلي اهي پوليس رياست جي لاءِ پرائمري فورس به هجي معني اها هر هنڌ هجي ٿي، يا رياستي قانون جا اصل رکوالا آهن ئي پوليس وارا، پر الٽيميٽ زور وارا يا اثردار ۽ اثرانداز فورسز ٻيا به هجن ٿا، ان ڪري پوليس جي انگيجمينٽ ڀلي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هجي به کڻي پر ڪٿي ڏسڻ ۾ ناهي آئي يا چئون ته پوليس وارن ڪي ٻوڏ متاثر بچايا به هوندا پر هڪ بهانو ضرور آ ان ڪري بلدياتي چونڊون رڳو شهري مفادن جي لاءِ آهن ان ڪري اهي شهري سياسي پريشر گروھ رڳو پنهنجي پنهنجي مفادن جي لاءِ آهن اهي ننڍڙا ننڍڙا مفاد ۽ موقعا ڳولهن ٿا ان ڪري ته انهن مشرف جي دور ۾ اربين روپيا ڦٻائي ڏٺا ان ڪري اهي هاڻي به چاهن ٿا ته انهن کي اهي مفاد ملن ۽ بلدياتي ادارا بحال ۽ فعال ٿين (پوءِ ڪم ڀلي نه ڪن) پر ڳالھ وري منجهائي اها ٿي ته جڏهن وفاقي سرڪار ۾ به اهي ئي ماڻهو، صوبن جي سرڪار ۾ به اهي ئي ماڻهو ۽ بلديات ۾ به ڦري گهري اهي ئي سياسي ماڻهو ته پوءِ سڃاڻپ ڪيئن ڪيون ته عوام جي خدمت ڪير ٿو ڪري يا ڪير نه ٿو ڪري، يا جي ماڻهو لعن طعن ڪن ٿا اهي پٽَ پاراتا به وڃين اعلي قيادت تائين پڄن ٿا ته پوءِ عوام جو سڄڻ ڪير يا عوام جو دشمن ڪير آ يا عوام ڪنهن جي آسري آ، ڀلا جي عوام جي خدمت ڪرڻي اٿن ته اهو ڊي سي به ڪري سگهي ٿو، جي عوام جي خدمت ڪرڻي آ ته اهو وفاقي وزير به پنهنجي پنهنجي تڪ ۾ وڃي ڪري سگهي ٿو يا جي نه ٿو ڪري پوءِ ڪير به نه ٿو ڪري، يا اسان وٽ اهڙي طريقي سسٽم به ٻه آهن، هڪ سرڪاري يا حڪومتي سسٽم ۽ ٻيو مخالف ڌار وارو سسٽم باقي نه جمهوريت آ، نه ڊڪٽيٽرشپ آ نه وفاقي ادارا آهن نه ئي صوبائي ادارا آهن ۽ نه ئي بلدياتي اداران جا ماڻهو ڪنهن ڪم جا ٿي سگهن ٿا، ان ڪري عوام اهو ئي ڏچي ۾ آ، ڇو ته اصل ڪم انهن سرڪاري ادارن جو آ جيڪي يا ته آبپاشي کاتي ۾ آهن يا بجلي ۽ گيس جا سسٽم هلائن ٿا يا ٽرانسپورٽيشن يا ريلوي نظام هلائن ٿا، ان ڪري ته جيڪي سروس سيڪٽر ڳنڍيل آهن يا جيڪي به سروس سيڪٽر هلن ٿا اهي ئي ادارا هلائن ٿا يا اهي اصل خدمتون يا جن جي هجڻ يا نه هجڻ سان زندگي جا ڪاروهنوار هلي سگهن ٿا ان ڪري سسٽم اهي ئي بهتر ڪن ۽ پوءِ عوام جي خوشحالي جي لاءِ صنعتي ۽ فڪٽرين جا نظام عام جام ڪجن ته جيئن ماڻهو خوشحالي واري زندگي گذاري سگهن ان ڪري جو نظامن جي گھڻ سان عوام جو پيٽ ڀري نه ٿو سگهجي نه ئي ڪا خوشحالي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي ان ڪري سسٽم مضبوط معني زندگي آسان.
ان ڪري حڪومت کي اليڪشن جي ڌم ٻاري ڏيڻ گهرجي ۽ جيڪي به توانائيون ۽ پئيسا يا ڪمايل دولتون هجن اهي جهنڊن ۽ لغڙن تي لٽائي ڏيڻ گهرجن ان ڪري اهي رڳو ان ڳالھ ۾ تاقيامت ڦاٿل هوندا ته عمراني سياسي صحيح يا نوازي سياست جا فامولا ملڪ جي فٽ آهن يا زرداي جي سياست ۾ ترقي لڪيل آ، پر آهي ڪجھ به نه ادي مئي ۽ ادو ڄائو واري ڳالھ آ ۽ اليڪشن ماڻهن کي فرسوده سسٽم ۾ رهڻ ڏيڻ واري ڳالھ آ، ان ڪري مذهبن وانگي سياسي ماڻهن وٽ به ساڳي ڪار ته اسان صحيح آهيون يا اسان جي پارٽي ۾ ڪير به چور يا ڌاڙيل ناهي ان ڪري سسٽم پاڻ وڏو چور آ يا سسٽم پاڻ سياستدانن کي اهي سڀ ٺڳيون ۽ چالاڪيون ٿو سيکاري ته عوام ۾ گهر وڃو ۽ 27 آگسٽ وري اربن فلڊ جي ڪري ڪراچي جهڙي شهر ۾ 1300 ارب روپين جي پيڪيج جو اعلان ڪري موٽي اچو يا هاڻي ٻوڏ ستايل ماڻهن جي وچ ۾ ويهي رڳو سکر وٽ بيهي هٿ لاهي موٽي اچو ۽ 1 ارب روپين جو اعلان ڪيو باقي پئيسا ڪنهن ڏنا ٿورئي آهن يا عوام ڪڏهن انهن اعلانيل پئيسن جي گهر ڪئي آ يا بلدياتي سسٽم وٽ ڪهڙيون تپون ارپيل آهن جيڪي صوبائي سسٽم ۾ نه ٿيون هجن يا وفاقي سسٽم ڪهڙي نموني لولو لنگڙو يا اپاهج هجي ٿو جو اهي انهن ماڻهن کي نه ٿا سڃاڻي سگهن يا جن ماڻهن مان ووٽ کڻي وفاقي اسيمبليءَ ۾ وزير ته ٿين ٿا پر اهي عوام خدمت نه ٿا ڪري سگهن، ان ڪري عوام جي خدمت ڇاهي يا ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟ هڪ وڏو سوال ته پنهنجي جاءِ تي ضرور آ پر انتهائي ننڍڙو سوال به آهي پر ڳالھ نيت جي آ، ڳالھ جذبي جي آ، ڳالھ عوامي خدمت جي آ ان ڪري ته وفاقي نمائندا به تر جا هوندا آهن جيڪي انهن ماڻهن جي خدمت ڪري سگهن ٿا انهن ماڻهن جي لاءِ روزگار، صحت، تعليم، روڊ رستا، صنعتون ۽ ڪاروبار جا وسيلا مهيا ڪري سگهن ٿا، ان ڪري ڪا به اليڪشن مسئلن جو حل ناهي، پوءِ سسٽم جي مٿان سسٽم ڇو؟ يا ڊپارٽمينٽ جي مٿان ڊپارٽمينٽ ڇو؟ جڏهن اها ڳالھ مثبت نموني هر سرڪار ۾ ڏٺي وئي آ، مثال ڊي سي کان وٺي پوليس ۽ روينيو سسٽم کان وٺي ريلوي نظام جڏهن هلن ٿا ته پوءِ انهن ماڻهن کي ان طريقي ئي خدمت جا ذريعا بڻائي ڏئي سگهجن ٿا.
وري هڪ ٻيو فلسفو اهو به آهي ته جيڪي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان جوڙجڪ ڪري حڪومتون ٺاهن ٿا ته پوءِ ڪرسيءَ تي ويهڻ شرط اهي عام ماڻهن جي خدمت نه ٿا ڪن ته پوءِ موٽ ۾ عام ماڻهو انهن حڪومتي نمائندن تي لعن طعن به ڪن ٿا (پر پُراثر پوءِ به ناهي هوندي يا عام ماڻهن جا ڪم نه ٿا ٿين) يا هڪ ٻي فناما اها به آهي ته جيڪي انهن کي ووٽ نه ٿا ڪن يا جيڪي سياسي ڌريون هارائي ٿيون وڃن اهي عوام مان هٿ ڇنڊي يا ڪڍي پاسي تي ٿي ٿيون وڃن، ڇو ته اهي هارايل نمائندا اهو ٿا سمجهن ته سرڪار ۽ برسات ساڳي ڳالھ آ جو اها برسات ڪنڊن تي به وسي ۽ گلن تي به وسي ته پوءِ حڪومت سڀني جا ڪم ڪري ۽ ترقياتي ڪم سڀني جو حق آ، يا ائين به ناهي ته حڪومت شهرن جون اهي گھٽيون يا روڊ رستا پڪا ڪندي هوندي جتان جتان انهن کٽيو هوندو يا جتي جتي انهن جا ووٽر هوندا، پر ائين به ناهي ان ڪري عوام جي خدمت جو جذبو گھڻي ڀاڱي سڀني پارٽين ۾ هوندو آهي ۽ هجڻ به گهرجي ڇو ته حڪومت به جيڪڏهن اهڙو تفاوت رکندي ته پوءِ ووٽ به نه وٺن، ان ڪري سڀني سياستدانن کي ورَ کڻي عوام جي خدمت ۾ لٿل هجڻ گهرجي، يا جڏهن بلدياتي سسٽم نه هيا يا جڏهن رڳو صوبائي ۽ وفاقي سسٽم هيا يا فعال هيا ته ترقي ناپيد هئي، يا هاڻي سسٽمن جي گھڻائي جي ڪري شيون الجهي پيون آهن يا جڏهن بلدياتي سسٽم نه هيا ته شهرن جر صفائي ممڪن نه هئي يا هاڻي خراب صورتحال آ، يا بلدياتي نمائندا گاڏين جي تيل ۾ ڪرپشن ٿا ڪن، يا اهي ٻاهرين ملڪن (چين) کان صفائي جي ٽريڪٽرن ۽ رڳو دٻن تي اربين روپيا خرچ ڪري به هڪ روڊ جو ڪچرو ٻئي روڊ تي اڇلائي پنهنجو ڪم پورو ٿا ڪن يا اهي هڪ گٽر بند ڪري وري ٻيو ٿا کولن يا انهن ڀنگين کي گٽرن جي نيٽ ورڪ جي خبر آ ان ڪري اهي ئي آل نال آهن ۽ انهن کي ڪير ڪنٽرول نه ٿو ڪري يا سرڪاري ادارا نااهل آهن ته پوءِ ان ڪم جي لاءِ چونڊون نه پر ضبظ ضروري آ.
