گڏاپ جي 70 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند هجڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن جو مظاهرو،ڌرڻو

ملير(ڊ.ر) گڏاپ جي 70 کان وڌيڪ ڳوٺن جي چئن ڏينهن کان بجلي بند ھجڻ خلاف ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻجي ويا، سوين ڳوٺاڻن گڏاپ گرڊ اسٽيشن اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، بقائي اسپتال کان گڏاپ روڊ بند ڪري ٽائرن کي باھيون ڏنيون ويون، مڇريل ڳوٺاڻن پاران گرڊ اسٽيشن تي پٿراءُ ڪيو ويو، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، گڏاپ جي يونين ڪائونسل گڏاپ، شاهه مريد، موئيدان، ڪاٺوڙ، ۽ ڪونڪر جي 70 کان وڌيڪ ڳوٺن جي گذريل چئن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ سبب رهواسي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن، ڳوٺن ۾ بجلي بند هئڻ سبب واٽر سپلاءِ موٽر نه هلڻ ڪري پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ان موقعي تي گڏاپ جي ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بلنگ نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي گڏاپ جا سمورا فيڊر بند ڪري ڇڏيا آهن، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا گڏاپ جي ڳوٺاڻن سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي اسان ڳوٺاڻن بجلي جا بل جمع ڪرايا آهن تنهن باوجود انتظاميا بلنگ نه ٿيڻ جو غلط جواز ڄاڻائي ڳوٺاڻن کي ازيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، گذريل چئن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ سبب ڳوٺاڻا ۽ آبادگار پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڳوٺاڻن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي شڪايتي سيل تي مسلسل شڪايتون درج ڪرايون آهن پر هن وقت تائين بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي، ڳوٺاڻن وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪري گڏاپ جي 70 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بحال ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ سوين ڳوٺاڻا سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں