الشھباز ايريگيشن فيڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

نوشهروفيروز(ڊ ر)الشھباز ايريگيشن  فيڊريشن سنڌ پاران سن ڪوٽا نه ڏيڻ، صحت ڪارڊ، گروپ انشورنس نه ڏيڻ ۽ ڪامورن پاران ملازمن سان اڍنگي رويي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  ان ڏس ۾ ايريگيشن جي مختلف يونينز، فيڊريشنز جو ڪنويشن اسڪارپ ڪالوني نوشهروفيروز ۾ ٿيو جنھن ۾ احتجاجي تحريڪ  ھلائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڪنويشن ۾ سوين ملازمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن محمد عيسي سنگراسي، خادم حسين کوسو، فقير محمد اعظم مڱڻيجو، عبدالغني جاگيراڻي، لالا قيصر زمان، دلدار سولنگي، مظھر عباس چنه ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ ۾ ايريگيشن ۽ اسڪارپ کاتي جا ننڍا ملازم 24، 24 ڪلاڪ ٻوڏ ۽ برساتن واري صورتحال ۾ ڊيوٽيون ڏين ٿا پر انھن ئي ملازمن جي سار نه لڌي ٿي وڃي، جڏهن ته  سنڌ اندر هزراين ملازم ڊيوٽي دوران بيمار به ٿين ٿا پر انهن جو علاج نٿو ڪرايو وڃي. ھنن چيو ته ٻين صوبن جي ملازمن کي صحت ڪارڊ ڏنا ويا آھن پر سنڌ جي ملازمن کي صحت ڪارڊ نٿو ڏنو وڃي ۽  سمورن رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي اولاد کي قانون مطابق نوڪريون ڏنيون وڃن. وزير ۽ سيڪريٽري ايريگيشن مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ھو پر ڪيترو وقت گزري وڃڻ باوجود انهن جي واعدن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي جنھن ڪري مطالبن جي حاصلات لاءِ احتجاجي تحريڪ ھلائي، ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرايا ويندا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں