ايس آءِ يو ٽي لاڙڪاڻي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو؟

عبدالمجيد بروھي
لاڙڪاڻو شھر پاڪستان جي صوبا سنڌ جو اھو اھم ترين شھر آھي جنھن کي پوري دنيا جا ماڻھون شھيدراڻي محترمه بينظيرڀٽو ۽ فخرايشياءَ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي ھن شھر ۾ ھونئن ته صحت جي حوالي سان سوين پرائيويٽ ادارا قائم آھن جن ۾ مريضن جو علاج گھٽ انھن جي جيب جو علاج وڌيڪ ٿيندو آھي لاڙڪاڻي شھر اندر قائم انھن پرائيويٽ سنيٽرز تي مريض کان لکين روپيا وصول ڪري کين ھروڀرو ھزارن جون دوائون لکي ڏيندا آھن عوام سخت مشڪل حالتن باوجود مجبورن انھن مافياز ھٿان لٽجڻ باوجود علاج ڪرائيندا آھن جن سينٽرن ۾ ڪي به بنيادي صحت جون سھولتون ميسر ناھن ھونديون جيڪڏنھن ڪو مريض انھن جي ھٿان سخت صورتحال ۾ وٺجي ويهندو آھي ته پوء اھي ڪسائي ڊاڪٽر انھن کي تڪڙ ۾ صلاح ڏئي چوندا آھن ھن جو علاج ھتي ناممڪن آھي فورن ھن کي يا ته لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو يا ڪراچي کڻي وڃو مريضن جا وارث جيڪي سرندي وارا ھوندا آھن اھي پنھنجن مريضن کي بنا دير جي ڪراچي کڻي وڃي ڪنھن سٺي ساک واري مھانگي اسپتال ۾ داخل ڪرائيندا آھن پر غريب ويچارا اتي لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال تائين مس پھچي سگھندا آھن مون سان به اھڙو واقعو ٿي چڪو آھي آء پنھنجي گھرواريء کي جنھن جو سيزر يعني آپريشن ذريعي ڊليوري ٿيڻي ھئي ان کي لاڙڪاڻي جي ليڊي ڊاڪٽر ڊاڪٽرعذرا عبيد بليدي وٽ وٽي ويس جنھن مون کي آپريشن کان اڳ ڪجھ ٽيسٽون ڪرائي اچڻ لاء رت جا سيمپل ڪڍي ڏنا مان ٽيسٽون ڪرائڻ ويس اتي مون کي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت لڳي ويو واپس آيس ته سڀ پريشان ھيا عملو سڄو پريشان ھيو مون کان ھڪ فارم تي تڪڙ ۾ صحيح ورتائون مون سندن کان پڇا ڪئي ته ٽيسٽن کان اڳ اوھان آپريشن ڇو ڪيو آھي انھن چيو سڀ ٺيڪ آھي آپريشن بعد منھنجي ننڍڙي منھنجي ڀائٽي کي ڏئي ان کي چلڊرين اسپتال موڪليائون ته ڪجھ ٽائيم گئس ۾ رکرايوس اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ٽائيم گذري ويو پر اھي منھنجي گھرواريء کي آپريشن ٿيٽرمان نه پيا ڪڍن ڪجھ ٽائيم بعد اتان جو انچارج پنھنجن پيسن مان مٺائي وٺي اچي چيو ته مبارڪ ھجي اوھان کي مريض بلڪل ٺيڪ آھي مريض کي اي سي روم ۾ شفٽ ڪيو ويو پر منھنجي گھرواري ھوش ۾ اچڻ بعد سخت تڙپي رھي ھئي مون کي ڊاڪٽر صاحبه گھرائي چيو ته ٻچي داني جي مٿان ٻار چنبڙڻ ھجڻ سبب ٻار کي ڇڪي ڪڍڻ سبب ٻچي داني ڦاٽي پئي آھي جنھن سبب مريض جو ڪافي رت وھي چڪو آھي بنا دير چار رت جون ٿيلھيون ھٿ ڪريو آء مبھنجا ڀائر منھنجا سالا منھنجا ڀائٽيا رت جي ڳولا ۾ لڳي وياسين رت جو بندبست ٿي ويو ان رات مون کي ڊاڪٽر صاحبه وري گھرائي چيو ته اڄوڪي رات اھم آھي دعا ڪريو مون ڊاڪٽر صاحبا کي چيو اوھان منھنجو انتظار ڪيو ھا تڪڙ ڇا جي ھئي اوھان کي جڏنھن ته اسان توھان وٽ آياسين ته مريض بلڪل نارمل ھئي ان کي ڪابه تڪليف وغيرا نه ھئي پوء ھي سب ڪجھ ڪيئن ٿيو ٻچي داني ڪڍون ھا ته صحي ھيو مون چيو پوء ڪڍو ھا ته ھن چيو ته اوھان کان اجازت نه ورتي ھئي مون ھن کي چيو ته پوء اوھان وري آپريشن لاء مون کان ڪڏنھن اجازت ورتي ھئي بحرحال رت چڙھڻ باوجود تڪليف وڌندي وئي ٻئي ڏينھن تي ڊاڪٽر صاحبا کي ھوش آيو ته مريض جو ته پيشاب به بند ٿي ويو آھي ان تڪڙ ۾ ڊرپون لڳرايون انجيڪشن لڳايون پر پوء به ڪجھ نه ٿيڻ بعد ھن ھڪ مشھور يورولاجسٽ کي گھرايو جنھن ھنن کي چيو ته مريض جا گردا گھڻو رت وھي وڃڻ جي ڪري بلاڪ ٿي ويا آھن کين سکر يا ڪراچي موڪليو جنھن مون کي گھرائي ائين چيو ته مريض جا گردا ختم ٿي ويا آھن انھن جي صفائي ٿيندي ته ان وقت منھنجي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي آء ڊاڪٽر صاحبا ڏانھن کيس ڌڪ ھڻڻ لاء وڌي رھيو ھيس ته مون کي منھنجي ڀاء روڪيو ان بعد اسان ايمبولينس ڪرائي ڪراچي لاء نڪتاسين اتي اڳواٽ منھنجو ڀاء رھندڙ ھيو ان سڀ کان پھريان اسان کي چيو ته ڪڊني سينٽر ھلون ٿا پر پوء اسان کي ڪنھن دوست چيو ايس آء يوٽي وڃو اسان ايس آء يوٽي پھتاسين اتي سڀ کان پھريان ايمرجنسي وارڊ ۾ مريض کي رکيو ويو جتي بنا معاوضي آغا خان اسپتال جھڙيون سھولتون ڏنيون ويون اسپتال ۾ داخل ڪرڻ وقت اسان کي چيو ويو ته ھتي ھر شئي فري آھي ھڪ سئو کان لکين روپين تائين جو دوائون آپريشن ھر شئي فري آھي ھاڻي مريض جا وارث اسان آھيون اوھان پنھنجو نمبر لکرايو پوء ھيٺ وڃي انتظار ڪريو يا گھر ھليا وڃو صرف ھڪ اٽينڊنٽ ويٽنگ حال ۾ انتظار ڪري ايس آء يو ٽي جو باني ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي آھي جنھن جي ڪوشش سان پوري دنيا جا ماڻھون پيشاب جي مرض ۾همبتلا پٿري جي مرض ۾ مبتلا گردن جي مرض مبتلا مريضن سميت ڪئنسر جي مريضن جو علاج شگر جي مريضن جو علاج پڻ ايس آء يوٽي ۾ ڪيو ويندو آھي الله جنت ۾ جاء ڏي مرحوم چاچا عبدالعزيزڇٽو کي جنھن کي ايس آء يو ٽي ۾ داخل ڪرايو ھيوسين ان سان ملڻ جڏنھن آء ويس ته چاچا مون کي چيو ته آغا خان اسپتال ۾ مون کي ڇو داخل ڪرايو آھي اوھان ھي ته ڏاڍو مھانگو آھي مون کيس چيو ته چاچا ھي ايس آء يوٽي آھي جنھن بعد ھن چيو سلام آھي ڊاڪٽر اديب رضوي کي جنھن اھڙو ادارو ٺاھيو آھي ڪاش اسان جا حڪمران به اھڙا ديانتدار ھجن ھا بحرحال آء پنھنجي گھرواريء جو علاج جون 2018 کان ايس آء يو ٽي مان ڪرائي رھيو آھيان ٻن سالن تائين ايس آء يوٽي ڪراچي جي ديوان فاروق سينٽرمان سندس جي گردن جو ڊائيلاسز ڪرائيندو رھيس جنھن بعد ڪورونا جي پکيڙ بعد اسان کي سکر شفٽ ڪيو ويو جيڪو پڻ ھڪ شاندار ادارو ٺھيل آھي ايس آء يوٽي وارن جو ھڪ سال تائين اتي ويندو رھيس جنھن بعد ھڪ ڏينھن سکر مان فون آئي ته اڄ ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جو افتتاح ڪيو پيو وڃي توھان فورن پنھنجي مريض کي وٺي وڃي لاڙڪاڻي پھچو ڏاڍي خوشي ٿي ته ھاڻي پنھنجي شھر ۾ ايس آء يو ٽي کلڻ جي ڪري ھر ھفتي ڏھ ھزار خرچو ڪرڻ کان بچي ويندس ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي پھچڻ دوران وڏي سيڪيورٽي ڏسڻ سبب سوچيو شايد سنڌ جو وڏو وزير افتتاح ڪندو يا مسيحا ڊاڪٽرمحمد اديب رضوي پاڻ ايندو پر جڏنھن اسپتال پھتاسين ته اسان کي خبر پئي ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افتتاح ڪندو افتتاحي تقريب ۾ مون کي پ پ پ لاڙڪاڻي ضلعي جا دوست مليا جن مون کي گھرائي پاڻ سان ويھاريو ان وقت سنڌ جي وڏي وزير افتتاحي تقريب ۾ جيڪي واعدا ڪيا انھن مان ھن ھڪ تي به عمل ناھي ڪيو ايس آء يوٽي لاڙڪاڻي کي ھڪ بلڊ بئنڪ جي سخت ضرورت آھي جنھنجي نه ھجڻ جي ڪري اھي مريض جن جو مسلسل ڊائيلاسز ٿيڻ جي ڪري رت گھٽجي وڃي ٿو انھن کي سخت مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پوي ٿو ڇو ته مريضن کي رت جمع ڪرڻ لاء ايس آء يوٽي سکر وڃڻو پوندو آھي جنھن بعد اھي ڊونر سميت سکر پھچندا آھن جنجو وڏو پيسو خرچ اچي ويندو آھي ان بعد اھي رت جمع ڪري اچڻ بعد ٽوڪن وٺي اچي ڊائيلاسز واري ڏينھن ٽوڪن جمع ڪرائيندا آھن جنھن بعد ٻئي ڊائيلاسز تي انھن مريض کي رت لڳايو ويندو آھي ان پراسز ۾ ھڪ ھفتو لڳي ويندو آھي جنھن سبب مريضن کي سخت پريشاني ۽ مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پئجي وڃي ٿو بلڊ بئنڪ لاء ايس آء يو ٽي سکر ۽ لاڙڪاڻي جو ايم ايس پروفيسر ڊاڪٽر منظور احمد ملاح پروفيسر صبوراحمد سومرو پروفيسر رجب ديناري سميت ايڊمن ايس آء يوٽي لاڙڪاڻو نظيراحمد بروھي ڊاڪٽر مسلم ٻگھيو پڻ ڪوششن ۾ لڳل آھن پر اھو تڏنھن ممڪن آھي جڏنھن سنڌ جو وڏو وزير پنھنجي ڪيل واعدي موجب ايس آء يوٽي لاڙڪاڻي کي ڀه اھا سھولت ڏيڻ لاء سائينٽيفڪ مشينري مھيا ڪري ۽ عملي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاء ڪجھ سوچي وٺي ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي افتتاح دوران پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي موجودگي ۾ وڏا وڏا اعلان ڪندڙ جن اعلانن ۾ ايس آء يوٽي لاڙڪاڻي جي لاء نئين بلڊنگ جي قيام ۽ اوپي ڊي ھلائڻ جلد ڪم شروع ڪرڻ وارن اعلانن تي به نظر ڪرم ڪري ڇو ته لاڙڪاڻو شھيد راڻي جو شھر آھي بلاول ڀٽي جي نانا جو شھر آھي ان سان سنڌ جو وڏو وزير وير رکڻ بجاء ڪجھ ھن شھر جي ھن اھم اداري مٿان رحم ڪرم ڪري ڇو ته ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي ۾ ميھڙ سعدي موسياڻي خيرپورناٿن شاھ شھدادڪوٽ قبوسعيدخان رتوديرو ڪچي پل گاجي کھاوڙ نصيرآباد وارھ قمبر ۽ ٻين ٻوڏ متاثر شھرن ڳوٺن جا مريض پنھنجو علاج ڪرائڻ ايندا آھن جن جو ٻوڏ سبب سڀ ڪجھ لڙھي چڪو آھي برسات سبب سندن جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن سم نالن ۽ شاخن جي پاڻي سبب جن جو فصل ٻڏي ويو آھي جن مان اڪثر ڪري ھن وقت به خيما بستين ۾ رھيل آھن اھڙا مريض ھتان ھتان پيسا ھٿ ڪرايو ڪري اچي ايس آءِ يو ٽي لاڙڪاڻي پھچن ٿا ان ۾ ھاڻي سکر وڃڻ جيتري سگھ نه آھي انھن مٿان رحم کائي بنا دير ايس آءِ يوٽي لاڙڪاڻي ۾ جديد طرز جو بلڊ بئنڪ قائم ڪري گردن جي مرض ۾ مبتلا مريضن کي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي ۽ بنا دير نئين عمارت جو ڪم شروع ڪري فلحال موجودا بلڊنگ ۾ ڪجھ بيڊ لڳرائي اوپي ڊي شروع ڪري پٿري ۽ ٻين مرضن ۾ مبتلا مريضن جو علاج شروع ڪيو وڃي توھان کي ڄاڻ ھجڻ گھرجي ته ايس آءِ يوٽي لاڙڪاڻو جيڪو جيالن جو شھر آھي ان شھر کي اوھان مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي ھڪ طرف نواب شاھ ۾ جديدطرز جو اسپتال کولي اوھان تي گردن جو ٽرانسپلانٽ پڻ شروع ڪيو آھي وڏا وڏا ادارا ٺھي رھيا آھن سکر ۾ انٽرنيشنل سينٽر ٺھي چڪو آھي جتي ڪجھ ڏينھن اڳ روبوٽڪ سرجري جو افتتاح پڻ ٿي چڪو آھي گمبٽ ۾ جديد طريقي جو عواج ڪيو پيو وڃي جتي گردن جو ٽرانسپلانٽ جيري جي پيوندڪاري سميت ٻين مرضن جو علاج بلڪل مفت ڪيو پيو وڃي اسين خوش آھيون سنڌ جي ماروئڙن جو علاج اوھان مفت ۾ ڪري رھيا آھيو ۽ انھن شھرن کي اڃا وڌيڪ سھولتون ڀلي ڏيو پر مرشد سائين اوھان شھيد راڻي جي شھر لاڙڪاڻي سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ته نه ڪريو اوھان کي ٻڌائيندو ھلان ته ايس آءِ يوٽي لاڙڪاڻو ۾جن مريضن جو ڊائيلاسز ڪيو ويندو آھي اھي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن ڪنھن به مريض کي ھوندڙ ڊائيلاسز دوران جيڪڏنھن ڪا تڪليف يا ساھ ۾ تڪليف سميت بخار وغيرا ٿيندو آھي ته ھن سنيٽر جا ماھر ڊاڪٽر جيڪي ويچارا وڏي ڪوشش ڪري انھن جو عواج اتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن پر جيڪڏنھن ڪو مريض وڌيڪ بيمار ٿي پوندو آھي ته انکي مجبورن سکر شفٽ ڪرڻو پوي ٿو ڇو ته اوھان جي واعدي باجود ھن وقت تقريبن ٻه سال ٿي چڪا آھن ھتي او پي ڊي شروع ناھي ٿي ۽ نه ئي ايمرجنسي وارڊ جوڙيو ويو آھي جنھن سبب مريض ويچارا سخت مشڪلاتن ۾ آھن کين سکر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ اوھان في الحال ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو کي خاص ھدايت ڪري کين حڪم ڪريو ته اھي فوري طور تي جيسيتائين اوھان نئين بلڊنگ ٺھرايو جيڪو ڪم ناممڪن نه آھي اوھان لاءِ پر بلڊنگ جي ٺھڻ تائين فلحال عارضي بنيادن تي اميرجنسي وارڊ جو قيام ڪري لاڙڪاڻي واسين کي ڪجھ سھولت فراھم ڪريو جن جي دعا سان اوھان اڄ سنڌ مٿان حڪمراني ڪري رھيا آھيو ان شھر جي ماڻھن کي صحت جون سھولتون ڏيڻ اوھان مٿان فرض آھي لاڙڪاڻي واسين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ بند ڪري پنھنجا ڪيل واعدا پاڙيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں