بينظير انٽرچينج پل جي فوري مرمت جي ضرورت آهي:سندر لعل

سڪرنڊ (ن س) سڪرنڊ لڳ قومي شاھراھ تي بينظير انٽرچينج پل کي تازين برساتن ۾ هنڌان هنڌان ڏار پوڻ بعد ايم اين اي سيد غلام غلام مصطفيٰ شاھ جي نشاندهي ڪرڻ تي نيشنل هاءِ جو جنرل مينيجر سندر لعل پنهنجي ماهر ٽيم سميت سڪرنڊ پهتو جتي هن پُل جو معائنو ڪرڻ بعد ميڊيا کي ٻڌايو ته پُل جي فوري مرمت جي ضرورت آهي ان شاء الله جلد ان جو ڪم شروع ڪيو ويندو برساتن کانپوءِ جتي هر پاسي نقصان ٿيو آهي اتي نيشنل هاءِ ۽ پلن کي پڻ ڪافي نقصان پهتو آهي جن جي مرحيلوار تعمير ڪري رهيا آهيون هن چيو ته سڪرنڊ شهر ۽ محرابپور ڏانهن ويندڙ رستن تان قومي شاهراھ تي يو ٽرن پڻ ٺاهيو ويندو جڏھن ته هالا کان سڪرنڊ تائين قومي شاهراھ جو رڪيل ڪم جيڪو ڪن سببن جي ڪري رهيل اهو پڻ جلد کان جلد شروع ڪيو ويندو هن چيو ته ارادو آهي ته سنڌ جي قومي شاهراھ کي سفر لاءِ بهتر کان بهتر ڪري سگهون ان موقعي تي ضلع ڪائونسل شهيد بينظيرآباد جو ميمبر سيد شايان علي شاھ پڻ موجود هو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں