ڄامشورو محتسب اعليٰ سنڌ اعجاز علي خان جي خاص هدايتن تحت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ڄامشورو ۾ محتسب اعليٰ ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد عبدالوھاب ميمڻ جي صدارت ۾ اڄ کليل ڪچھري منعقد ڪئي وئي_ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي حيدرآباد عبد الوھاب ميمڻ پاران سرڪاري ملازمن جي پينشن، جي پي فنڊ، ايل پي آر ۽ ٻين ٽريزري آفيس ڄامشورو سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ڄامشورو کي ھدايتون جاري ڪيون ويون. کلي ڪچھري دوران تعليم کاتي جي ملازمن جون شڪايتون ٻڌندي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ڄامشورو کي ھدايتون ڏيندي چيو ته تعليم کاتي جي رٽائرڊ ملازمن پاران مليل شڪايتن کي جلد کان جلد حل ڪيو وڃي -ملازمن پاران کليل ڪچهري کي ساراهيندي چيو ويو ته محتسب اعليٰ پاران کليل ڪچهري ڪرڻ بهترين عمل آهي اميد آهي ته اهڙين کليل ڪچهرين سان ملازمن جا در پيش مسئلا حل ٿي ويندا- ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر ڄامشورو ممتاز علي سومرو چيو ته اسان جا دروازا ملازمن لاءِ هر وقت کليل آهن ۽ اسان رٽائرڊ توڙي سرڪاري ملازمن جا معاشي صلاحڪار بڻجي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن سندن بنيادي مسئلا فوري طور تي حل ڪري سگھجن. هن چيو ته رٽائرڊ توڙي سرڪاري ملازمن يا سندن وارثن کي ٽريزري آفيس سان لاڳاپيل مسئلن بابت ڪنهن به قسم جي شڪايت هجي ته هو ساڻس رابطو ڪن ته جيئن سندن جائز مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي کين رليف فراهم ڪري سگھجي. هن چيو ته قانون ۽ قائدي مطابق هر جائز ڪم کي ترجيحي بنياد تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون. ان موقعي تي کليل ڪچهري کي خطاب ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ حيدرآباد عبدالوھاب ميمڻ چيو ته ان قسم جون کليل ڪچهريون ھر مھيني ٿيڻ گھرجن ته جيئن سرڪاري ملازمن جا مسئلا حل ٿي سگھن. هن چيو ته ضلعي ڄامشوري ۾ قائم صوبائي کاتن پاران ڪنهن به قسم جو جائز مسئلو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ کين درخواستون ڏنيون وڃن ته جيئن انهن جي حل لاءِ قدم کڻي کين انصاف فراهم ڪري سگھجي. پڇيل سوال تي جواب ڏيندي هن چيو ته اسان خاص طور تي سرڪاري ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي قانون ۽ قائدن مطابق حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪنهن به ملازم کي ڪابه تڪليف نه ٿئي ۽ اسان جي پوري ٽيم ساڻن ڀرپور سهڪار ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر آهي. ان کان اڳ رٽائرڊ ۽ سرڪاري ملازمن پاران مخلتف شڪايتن بابت درخواستون پڻ پيش ڪيون، جنهن جي حل لاءِ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ڄامشورو پاران کين تفصيلي آگاي ڏيندي يقين ڏياريو ويو ته سندس مسئلا جلد حل ڪيا ويندا.بعد ۾ ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ڄامشورو جي مختلف شعبن جو تفصيلي جائزو ورتو -ڪچهري ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محمد عرس خاصخيلي، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن رفيق احمد سولنگي، اڪائونٽنٽ سيد حسن علي شاھ نقوي، اڪائونٽنٽ ميڊم افشان خاصخيلي، ٻين مختلف سرڪاري کاتن ۽ ٽريزري آفيس ڄامشورو سان لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
