لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سازشي بيانيي تان پوئتي هٽڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڇو ته سائفر موجود آهي. مون کي ٻيهر قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان فرانسيسي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته لانگ مارچ تي حملو ٿيو، منهنجي کاٻي ٽنگ مان 3 گوليون ڪڍيون ويون، مان پنهنجي ٽنگ تي زور نٿو ڏئي سگهان. ٺيڪ ٿيڻ ۾ 4 هفتا لڳندا. هڪ گولي منهنجي ٽنگ جي هڏي ڪريڪ ڪئي جيڪا منهنجي لاءِ پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي. هن چيو ته منهنجو هڪ بهترين صحافي دوست هو جيڪو مون کي سپورٽ ڪري رهيو هو، پر مون کان پوءِ ان کي ڌمڪايو ويو، صحافي پاڪستان ڇڏي ڏنو جنهن کان پوءِ کيس ڪينيا ۾ قتل ڪيو ويو. عمران خان چيو ته مون کي رستي تان هٽائڻ جي خواهشمندن لاءِ مان اڃان به خطرو آهيان، بدقسمتي سان مان سمجهان ٿو ته مون تي ٻيهر حملي جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي. هنن مون کي به رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ڇو ته منهنجي پارٽي مشهور آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته اسان ننڍين چونڊن ۾ 75 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي. ان باوجود ٻين پارٽين کي اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي حاصل هئي. اسان بهترين ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اسان جي مشهوري ۾ اضافو ٿيو. بنيادي طور تي عوام ڏوهارين کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي. هن چيو ته ڪابينه جي 61 سيڪڙو ميمبرن مٿان ڪرپشن جا ڪيس آهن. اسان کي به عوامي حمايت حاصل آهي. هي سمجهن ٿا ته مان هنن جي رستي ۾ رنڊڪ آهيان ان ڪري مون هٽايو وڃي ان لاءِ منهنجي حياتي کي اڃان به خطرو آهي. عمران خان سائفر بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته سائفر هڪ ڳجهو دستاويز آهي جيڪو موجود آهي، آمريڪا ۾ اسان جي سفير ۽ ڊونلڊ لو وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين تي ٻڌل سائفر هو، ڊونلڊ لو سفير کي چئي رهيو آهي ته عمران خان کي عدم اعتماد سان نه هٽايو ويو ته ان جا نتيجا کيس ڀوڳڻا پوندا. هن چيو ته مان سازش جي بيانئي تان پوئتي ناهيان هٽيو ڇو ته سائفر موجود آهي. سائفر ڪابينه ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل ڪميٽي جي سامهون رکيو. سائفر چيف جسٽس وٽ آهي. جنهن تي اسان آزادانه جاچ چاهيون ٿا. ساشي بيانئي تان پوئتي هٽڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. سوال اهو آهي ته اڳيان ڪيئن ٿجي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته منهنجي حڪومت کي آمريڪي سازش ذريعي هٽايو ويو. مون اڳ چيو هو ته اهو سڀ پوئتي رهجي ويو. مون کي پنهنجي عوام جي مفادن جي رستي ۾ اڳيان نه اچڻ گهرجي. پاڪستاني عوام جو مفاد اهو آهي ته سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا هجن. آمريڪا سان به سٺا لاڳاپا آهن ڇو ته اهو سپر پاور آهي.
