ڪراچي (بيورو) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ بي آر ٽي يلو لائين پروجيڪٽ لاءِ بسن جي خريداري وارو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اها هدايت صوبائي وزير بي آر ٽي يلو لائين پروجيڪٽ بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن ر الطاف حسين ساريو ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر يلو لائين امير فضل شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يلو لائين پروجيڪٽ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته يلو لائين جي مختلف آپشنز تي جامع ڪم مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ان کي عالمي بينڪ جي نمائندن جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪري سگهجي. اسان چاهيون ٿا ته پروجيڪٽ جو دائرو وڌايو وڃي ۽ پروجيڪٽ ۾ وڌيڪ بسون شامل ڪيون وڃن. هن چيو ته ايف ٽي سي کان بلوچ ڪالوني ۽ ايف ٽي سي کان ميٽروپول تائين يلو لائين جي فيڊر سروس کي به پروپوزل ۾ شامل ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته بي آر ٽي يلو لائين جي سمورن پروسيس ۽ فارملٽيز کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري سگهجي. هن چيو ته عالمي بئنڪ جي سهڪار سان هلندڙ بي آر ٽي يلو لائين ڪراچي شهر جو اهم پروجيڪٽ آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ 1977ع ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ڪي ٽي سي جي صورت ۾ پهريون وڏو پروجيڪٽ لانچ ڪيو ويو هو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پيپلز بس سروس، بي آر ٽي اورينج لائن، بي آر ٽي ريڊ لائن، اليڪٽرڪ بسن کان پوءِ يلو لائين پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن سان شهرين کي ٽرانسپورٽ جون بهترين سهولتون ميسر ٿينديون. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي کي جديد ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. هلندڙ مهيني جي آخر ۾ حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جو پهريون روٽ شروع ڪيو ويندو ۽ حيدر چوڪ کان هٽڙي پوليس اسٽيشن تائين روٽ تي بسون هلايون وينديون.
