سيوهڻ ڀرسان وئن سان خوفناڪ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 20 ڄڻا اجل جو شڪار

سيوهڻ (م ڊ) سيوهڻ ڀرسان وئن سان خوفناڪ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 20 ڄڻا اجل جو شڪار، خيرپور واسي پانڌيئڙا درگاهه قلندر لعل شهباز تي حاضري لاءِ وڃي رهيا هئا ته وئن ڪلٽيون کائي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪري پئي، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن طرفان لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. اکين ڏٺن جو شاهدن جو چوڻ آهي ته انتظاميا ۽ پوليس کي وقت سر اطلاع ڏيڻ باوجود ريسڪيو آپريشن ۾ دير ڪئي وئي، وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سيوهڻ ۾ قلندر جي پانڌيئڙن جي وئن سان پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں