مير ذوالفقار چانڊيو
الله عزوجل جي طرفان انسان ذات جي لاءِ ڳڻپ شمار کان وڌيڪ نعمتون عطا فرمايون آهن انھن سڀني نعمتن مان بھترين ۽ افضل نعمت، صحت مند زندگي، به ھڪ بھترين نعمت آهي جنهن جي لاءِ چيو ويندو آهي تندرستي هزار نعمتن کان افضل آهي اِن نعمت جي ھجڻ سان سڀ ڪجھ آهي جيڪڏهن صحت تندرستي آهي ته سڀ ڪجھ بھتر آھي جيڪڏھن جسم ۾ ڪا تڪليف آهي صحت کي ڪجھ نقصان آهي ته پوءِ انسان ويچارو پريشان ۽ بي حال لڳو پيو ھوندو آھي اِن ڪري پنھنجي صحت مند زندگيءَ جو خيال رکڻ چاهيو ٿا ته پنھنجي زندگيءَ کي صحت جي ڪجھ اصولن مطابق گذاريو جيئن توهان کي ڪا تڪليف بيماري ويجھو نه اچي سگهي اڄ ڪلھ معاشري اندر ماڻھن ۾ صحت جو خيال نه رکڻ سبب ڏينھون ڏينهن مختلف ۽ عجيب وغريب بيماريون جنم وٺي رھيون آھن جنھن تي ڪنٽرول ڪرڻ ماڻھن جي پنھنجي وس ۾ آهي جيڪڏهن ھر ماڻھو پنھنجي وس آهر ڪوشش ڪري پنھنجي پنھنجي صحت جو خيال رکي ته معاشري اندر ڪافي بيماريون ختم ٿي سگھن ٿيون پنھنجي پڙھندڙن جي لاءِ صحت مند زندگي گذارڻ جي لاءِ ڪجھ ھدايتون ھيٺ ڏجن ٿيون جيئن انھن تي عمل ڪري سٺي زندگي گذاري سگھجي ٿي جسم جي ھر بيماريءَ کان بچڻ چاهيو ٿا تہ ڪوشش ڪري گھٽ کاڌو کائو پيٽ ڀري کائڻ سان ڪافي بيماريون جنم وٺن ٿيون خاص ڪري بار بار ماني کائڻ يا ٻيو ڪجھ کائڻ سان پيٽ جون تڪليفون جنم وٺنديون آهن اڌ رنگ ۽ بواسير کان بچڻ چاهيو ٿا ته انڊو ۽ مڇي گڏ نه کائو فالج اڌ رنگ کان بچڻ چاهيو ٿا ته پيٽ ڀريل سان غسل نه ڪيو ڪوشش ڪري لازمي طور تي ناشتو ضرور ۽ سٺي طريقي سان ڪندا ڪيو ۽ منجھند جي ماني ان کان ڪجھ گھٽ کائو ۽ رات جي ماني ان کان به ڪجھ گھٽ کائو جيئن سٺي زندگي گذري سگھي منجهند جي ماني کائي ڪجھ دير آرام ڪندا ڪيو جنھن کي قيلولا چيو ويندو آهي جيڪو سنت رسول پاڪ آهي رات جي ماني کائي پيادل هلو وڌيڪ نه ته به گهٽ ۾ گهٽ 50 وکون ته پنڌ ضرور ڪيو ڪوشش ڪيو ته رات جو ضرور ماني کائيندا ڪيو ڀلي ٿوري ڇو نه ھجي صبح جي ناشتي ۽ رات جي ماني کي سٺي صحت لاءِ لازم بڻائي ڇڏيو رات جي ماني کائي سمھي رھڻ نقصانڪار آهي بنا بُک جي هرگز ماني نه کائو جسم اندر ڪجھ بُک محسوس ٿئي ته ماني کائڻ گھرجي خاص ڪري ماني کائڻ کان پوءِ آخر ۾ پاڻي پيئڻ نه گھرجي ماني کائڻ کان پھرين يا وچ ۾ پاڻي پيئڻ گھرجي آخر ۾ پاڻي پيئڻ صحت جي لاءِ نقصانڪار آهي پيشاب کي روڪي نه جهليو جنهن وقت پيشاب جو خيال اچي جلدي فارغ ٿي ويندا ڪيو جيڪا شيءِ ڏندن سان چٻاڙڻ ڏکي لڳي ٿي اُها شيءِ پيٽ ۾ داخل ڪري پاڻ کي بيمار نه بنايو جسم جو خزانو رت آهي ان کي هرگز ضايع نه ڪيو صحت مند زندگي جي لاءِ سال ۾ ھڪ دفعو پنھنجي جسم جي زڪوات ادا ڪندي ڪنھن بيمار مجبور انسان کي پنھنجي جسم جي رت بوتل ڏيندا ڪيو جيئن جسم ۾ تازي ۽ فريش رت پيدا ٿي سگهي پنھنجي صحت جو خيال رکندي ضرورت جي مطابق ننڊ ڪندا ڪيو گھٽ ننڊ ڪرڻ يا سڄو ڏينهن آرام ڪرڻ صحت لاءِ باعث نقصان آهي ضرورت کان وڌيڪ ننڊ نه ڪيو ڇو ته اُها بدن کي سست ۽ عقل گهٽائي ٿي.
