لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ ۾ چار سال اڳ قتل ٿيل ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور شامل ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان خان چانڊيو طرفان داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي جتي ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا جنهن تي عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته ٽرائل ڪورٽ ڪيس ۾ سردار ڀائرن جا نالا شامل ڪيا جن ان عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ درخواست داخل ڪرائي اڄ ان جي ٻڌڻي ٿي جتي عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته آءُ انصاف جي اميد سان 6 مهينن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان پر هي سردار اسان کي ٿڪائڻ چاهن ٿا. هن چيو ته ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته هتي اچي تاريخ وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي هن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻو آهي تنهن ڪري وڃي ڪيس هلايو. هن چيو ته گذريل ٻڌڻي تي سردارن ۽ ٻين جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو پر سردارن ۽ ٻين جوابدارن درخواست ڏني جنهن مان ظاهر آهي ته هو ڪيس هلائڻ نه ٿا چاهن ۽ ڪيس کان ڀڄي رهيا آهن ڀڄندو اهو آهي جيڪو ڏوهي هوندو آهي.
