لاڙڪاڻي جي پائليٽ اسڪول ۾ استادن ۽ والدين جي گڏجاڻي،مسئلن جي حل لاءِ غور ويچار

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري جي هدايتن تي لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ پرنسپال پروفيسر الله بخش سومرو جي صدارت هيٺ استادن ۽ والدين جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ اسڪول جي استادن ممتاز علي شاهاڻي، اختيار علي آگاڻي، سڪندر علي ڪلهوڙو، عاشق نظاماڻي، زاهد هليو، دلدار احمد، مبين احمد لانگاهه، باقر علي جلباڻي، فياض احمد سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال پروفيسر الله بخش سومرو چيو ته هي گڏجاڻي سيڪريٽري تعليم جي هدايتن تي ڪوٺائي وئي آهي جنهن جو مکيه سبب استادن ۽ شاگردن جي والدين وچ ۾ وٿي کي ختم ڪرڻ آهي ۽ شاگردن جي مستقبل تي نظر وڌي وجهي شاگردن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جون گڏجاڻيون مستقبل ۾ به جاري رهنديون جنهن سان شاگردن جا ڪيترائي مسئلا حل ٿيندا ۽ والدين کي پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ ٻين معاملن بابت ڄاڻ به ملندي رهندي. گڏجاڻي ۾ شاگردن جي والدين اسڪول انتظاميه جي اهڙي عمل جي ساراهه ڪندي مستقبل ۾ به اهڙي قسم جي گڏجاڻي ڪوٺائڻ تي زور پڻ ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں