لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ٺٽي ڀرسان داٻيجي شهر جي رهواسي محمد يونس جتوئي پنهنجي ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا بيمار 14 سالن جي پٽ حسين جتوئي جي علاج لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي منهنجو پٽ حسين بخش جتوئي سال 2015 کان ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا آهي ٻي محرم جي ڏهاڙي پٽ کي لاڙڪاڻي کڻي اچي بهارپور واري علائقي ۾ قلندر بخش ۽ تصور حسين جي گهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن مون پنهنجي پٽ کي شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي پٽ کي نيوبلائيزر ڪو نه ملي سگهي شڪايتن تي نرسن ۽ سيڪيورٽي گارڊن اسان کي ڇڙٻون ڏئي وارڊ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن مطالبو ڪيو ته پٽ جو علاج ڪرائي سندس جي حياتي بچائي وڃي.
