نئون دمبالو ۾ ڪولهي برادري جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

نئون دمبالو (ن س) نئون دمبالو ويجهو ڳوٺ گينو ڪولهي ۾   بااثر پٺاڻ برادري جي ماڻھن پاران ڪولهي برادري جي ماڻھن  تي حملو ڪري  سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ ٽي ڄڻا گينو ڪولهي ماوي ڪولهي ميگهراج ڪولهي سخت زخمي ٿي پيا جڏھن ته گينو ڪولهي کي وڌيڪ ڳجها ڌڪ هجڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو آھي ڪولهي برادري جي سوين عورتن مردن ٻارڙن سميت سياسي سماجي اڳواڻن پاران بااثر عبدالرمان پٺاڻ آدم پٺاڻ ۽ موسو پٺاڻ جي گرفتاري لاء  ڌرڻون هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي  حنيف جٽ زنوار حسين بوزدار ملڪ محمد گشڪوري رميش ڪمار ڪولهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڌرتي ڌڻين تي پٺاڻن پاران سنڌ جي هر شھر ۾ بيگناھ تشدد ڪري ماريو پيو وڃي ۽ اڄ وري اسان جي شھر نئون دمبالو ۾ بااثر پٺاڻن غريب مزدور گينو ڪولهي ماوي ڪولهي ميگهراج ڪولهي تي بلاوجا تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي هنن چيو ته ڌرتي ڌڻين سان ناانصافيون بند ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا زخمين جي وارثن اعلي حڪام کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں