ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 9/11 کانپوءِ پاڪستان کي دهشتگردي جي بدترين لهر کي منهن ڏيڻو پيو پر ان جو ڪريڊٽ ملڪ جي بهادر سپاهين کي وڃي ٿو جن سمورن چيلنجز جو خاتمو آندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي شو آئيڊياز 2022ع جي موقعي تي نشان پاڪستان سي ويو تي ڪوٺايل تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، صوبائي وزير شبير بجاراڻي، وائيس ايڊمرل فيصل رسول لوڌي، وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف، ريئر ايڊمرل راجا ربنواز ايڇ آءِ (ايم) ڪمانڊر ڪوسٽ ۽ پرڏيهي نمائندا پڻ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير خطاب ڪندي چيو ته آئيڊياز 2022 پاران منعقد ڪيل ڪراچي شو جي شاندار مشق کي ڏسڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي، پاڪ فوج جي ڀرپور صلاحيتن جي پروفيشنل مشق ڏسي خوشي ٿي جيڪا ڪنهن به جارحيت خلاف پاڪستان جي دفاع لاءِ سندن عزم جو اظهار آهي ۽ اهڙي تياري امن جي ضمانت آهي جيڪا اڄ آئيڊياز 2022 ۾ ”امن لاءِ هٿيار“ جي موضوع هيٺ پيش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته نمائش دوران هٿيارن ۽ ٻين جي نمائش ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٽيڪنالاجي ڪنهن به ملڪ جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ پاڪ فوج پنهنجي ذميوارين کي پوري ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. هن پاڪستان نيوي کي نشان پاڪستان وٽ تقريب ڪوٺائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اها اسان (پاڪستان) لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته دنيا جا مختلف ملڪ هن نمائش ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير آئيڊياز 2022ع جي دفاعي نمائش جي ڪامياب انعقاد تي سڄي دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته ڪنهن به ملڪ سان ٽڪراءُ بدران سٺا لاڳاپا رکي اڳتي وڌجي پر اسان جي ان امن واري پيغام کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي ڇوته پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آئيڊياز جهڙو پليٽ فارم سڄي دنيا ۾ دفاعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪري ٿو، اهو نه رڳو جديد ٽيڪنالاجي ۽ فوجي سامان بابت ڄاڻ ڏئي ٿو پر هڪٻئي جي تجربن مان سکڻ جا موقعا پڻ فراهم ڪري ٿو.
