نازيه ماڇي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن:احمد نواز انقلابي

تلهار(ن س) تلھار ۾ زميني تڪرار تان قتل ڪيل عورت مسمات نازيه ماڇي جي تڏي تي مخلتف سياسي سماجي تنظيمن شهرين واپارين تعزيت ڪئي جڏهن ته سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ ڪامريڊ احمد نواز انقلابي پاران تلهار ۾ پ پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر جي پٽ مير عمران ٽالپر جي ماڻهن هٿان ناحق قتل ڪيل نازيه ماڇي جي تڏي تي پهتا ۽ فاتحه خواني ڪري دعا پڻ گهري جڏهن ته وارثن ۾ محمد نواز ماڇي ،شوڪت ماڇي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا ان موقعي تي احمد نواز انقلابي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ ڏينھن تلهار ۾ پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر جي پٽ مير عمران ٽالپر جي ماڻهن غريب مسڪين ماڻهن تي سڌيون گوليون ھلايون جڏهن ته ماڇي برادري جا ماڻهو پنهنجي زرعي زمين تي وڃي رهيا هئا جيڪو هر ڪنهن جو پنهجو حق آهي اسان وٽ سنڌ ۾ هتان پورهيتن هارين کي غلام سمجهيو ويندو آهي پر هاڻ کين ٻڌائڻ ٿا گهرون ته سنڌ هاري ڪميٽي هر مظلوم پورهيت جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي ۽ اسان تحفظ ڪنداسين،تلهار جه نازيه ماڇي سانحي ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جو مرڪزي صدر ثمر وفد جي  صورت ۾ نازيه ماڇي جي قتل خلاف احتجاج جي نه صرف مالڪي ڪئي پر متاثرين کي هر قانوني آئيني مدد ڪرڻ جي مڪمل يقين دهاني ڪرائي اسان آئي جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور اسان جي ڀيڻ نازيه ماڇي جي قتل ۾ ملوث پ پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر جو پٽ مير عمران ٽالپر ،واپاري اڳواڻ راجہ ممتاز خواجه ،عمران پپي خواجه کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران سموري سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو ان موقعي تي اسحاق سنڌي ، لکي جتوئي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا ،هوڏانهن مخلتف سياسي سماجي تنظيمن شهرين جسقم اڳواڻن سينئر وائيس چيئرمين اسماعيل ناز نوتڪاڻي ، محفوظ اسماعيل نوتڪاڻي ،خالد سنڌي ۽ اُسامہ آريسر ۽ ٻيا اڳواڻ توڙي ڪارڪن موجود هئا هنن چيو ته تلهار ۾ ظلم جي بربريت ڪئي وئي اقتدار جي نشي ۾ ڌُت پ پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر جو پٽ مير عمران ٽالپر هتان جي مسڪين ماڻهن جون ملڪيتون ڦٻائڻ خاطر سنڌ جي نياڻين ڀينرن ڀائرن جي مٿان سڌيون گوليون وسائي رهيا آهن ۽ سرعام جديد هٿيارن سان معصوم ماڻهو قتل ڪري رهيا آهن کائين ڪير به پڇڻ وارو ناهي هنن مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد اقتداري ڌر سان لاڳاپيل سمورن ڪردارن ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري کين جيل ڀيڙو ڪري سخت سزا ڏني وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں