نوابشاهه حق صوفي ازم پاران صوفياڻي محفل سجائي وئي

نوابشاهه(ڊ ر) سنڌ ھن وقت جڏھن تازين پيل برساتن ۽ ٻوڏن کان پوءِ قومائيجي ويل گلاب جي گل جيان مايوسين ۽ پريشانين م ورتل آهي تڏهن صرف سنڌ جو صوفي فڪر ۽ راڳ جون محفلون مايوس ماڻھن کي ٻيھر زندگيءَ ڏانهن موٽائي سگھن ٿيون اھڙيءَ سرن سازن ۽ دل سوز آوازن سان سرشار صوفياڻي محفل صوفين جي تنظيم حق صوفي ازم ورلڊ پاران تنظيم جي باني ڪار نامياري روحاني شخصيت فقير جي ايم ڏاهري المعروف مست پروازي پاران ميخانه بيت التصوف ھائوسنگ سوسائٽيءَ نوابشاهه ۾ شاندار صوفياڻي محفل سجائي وئي مولائي ڪائنات مظھر العجائب حضرت علي عليه السلام جي 21 سان منصوب ھن ٿدڙي رات جو بربا ڪيل محفل ۾ سنڌ جي ناميارن صوفي ۽ لوڪ فنڪارن منور علي ابڙو .ساجد علي ساجد صدرالدين شاھ مير محمد لغاري ۽ بين سنڌ جي صوفي بزرگن جا روح کي گرمائي ۽ وجود کي وجد ۾ آڻيندڙ ڪلام ڳائي محفل ۾ موجود ھر ماڻھؤ جي روح جي تند واحد جي وحدانيت سان جوڙي ڇڏي ۽ سمورا حاضرين ڪلامن تي جھمومدا رھيا جڏهن ته فقيرن پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي زبردست رقص ڪيو انھيءَ موقعي تي فقير جي ايم ڏاهري المعروف مست پروازي چيو ته صوفين ھميشه پيار محبت ۽ امن جو درس ڏنو آهي ۽ ڪڏھن به نفرتن جي ڳالھ نه ڪئي آھي ھنن ميخانن تي ھميشه پيار محبت جي پرچار ڪئي ويندي آھي ھتي محبت امن ۽ پيار کي خوبصورت طريقي سان ونڊيو ويندو آهي اھڙيون محفلون ڪرڻ سان دکي ۽ روحاني سڪون ملندو آهي جڏهن ته ٺرندڙ رات جو شروع ٿيل ھي محفل سرن سازن ۽ صوفياڻن ڪلامن جي جذبن سان پرھ فٽي تائين جاري رھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں