ڪامريڊ اظهر جتوئي سنڌ ڌرتي جو سچو سپوت هو:ثمر جتوئي

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاري ڪاميٽي جي مزڪي صدر ثمرحيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن پاران پورهيت جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ ڪامريڊ اظهر جتوئي جي ورسي جي موقعي تي گلن جي چادر چاڙهي ويئي ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪامريڊ اظهر جتوئي سنڌ ڌرتي جو سچو سپوت هو هر سنڌ ڌرتي ۽ پورهيتن سان عشق ڪيو سنڌ جي اشوز تي ڪامريڊ اظهر جتوئي تاريخي ڪردار ادا ڪيو سنڌ جي پورهيتن مسيڪنن جو زبردست ڪيس وڙهيو سموري زندگي سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪندو رهيو ڪامريڊ اظهرجتوئي جو مشن اڄ به جاري آهي سنڌ جي خوشحالي لاء ڪامريڊ اظهر جتوئي جي ڪيل جدوجهد تاريخ جو سونهري باب آهي ڪامريڊ اظهر جتوئي سنڌ جي سياست ۾ پورهيت ڪاز کي نمايا رکيو هو قومي اشو تي اڳ کان اڳرو رهيو سندس ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي جو فنانس سيڪريٽري ايڊوڪيٽ عالم زيب ميمڻ,آزاد عالم لاشاري,پروفيسر وجود علي,ڪامريڊ ولايت نوناري,ڪامريڊ ولي محمد,حسن رضا,جونيئر ڪامريڊ مظهر جتوئي سميت ٻيا شريڪ هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں