ڪوٽڙي ۾ رهواسين جو منشيات جي وڪري خلاف احتجاج

ڪوٽڙي(ن س)ڪوٽڙي ٻٻر اسٽاپ جي رهواسين اختيار سولنگي، ماجد سولنگي، مجاهد سولنگي، شهباز ابڙو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي تہ گذريل اٺ سالن کان اسان جي پاڙي ۾ ممتاز سولنگي، ڪچو شراب ٺرو وڪرو ڪندڙ آهي جيڪو هاڻ آئيس بہ وڪرو ڪري ٿو جنهن سبب علائقي واسي توڙي نوجوان نشي جي ور چڙهي ويا آهن پاڙي وارن گڏجي کيس منٿ بہ ڪئي سين پر هو نٿو مڙي منشيات جي ڪاروبار تان روڪڻ سبب مونتي حملو ڪيو ويو جنهن جي اين سي حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرايم پر پوليس کيس گرفتار نہ ٿي ڪري منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ ممتاز سولنگي سان وڪيل امداد شاهاڻي پڻ ملوث آهي جيڪو وڪالت جو ناجائز فائدو وٺندي مون مٿان ڪوڙي اين سي ڪرائي وئي جيڪا سراسر ناانصافي آهي وڪيل خلاف ڄامشورو بار ۾ پڻ لکت ۾ شڪايت ڪئي اٿم هنن چيو تہ منشيات جهڙي ذهر جو ڪاروبار ڪندڙ ممتاز سولنگي کي فوري گرفتار ڪري سندس ڪڌو ڪاروبار بند ڪرايو وڃي تہ جيئن علائقي واسي توڙي نوجوان بچي سگهن وڪالت جي آڙ ۾ منشيات ۾ ملوث وڪيل جو لائسنس رد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں