اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو معاملو سياسي نه هجڻ گهرجي، سمورا ٿري اسٽار جنرل برابر آهن ۽ اهي فوج جي سربراهي لاءِ مڪمل اهل آهن. اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪ فوج ۾ ترقي جي نظام تي مضبوط يقين رکون ٿا. سمورا ٿري اسٽار جنرل برابر آهن ۽ اهي فوج جي سربراهي لاءِ مڪمل طور تي اهل آهن. آصف زرداري چيو ته اهم مقرري جو معاملو ڪنهن به صورت ۾ سياسي نه هجڻ گهرجي. مقرري جو معاملو سياسي هجڻ سان اداري کي نقصان پهچندو. اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو قانون موجب ٿيندو ۽ اها مقرري وزيراعظم شهباز شريف ڪندو.
