ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ايس ٽي پي ميرپورخاص ضلعي پاران شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ٻئي ورسي جي موقعي تي ضلعي اڳواڻ ڪامريڍ علي اڪبر شر جي آفيس تي تقريب منعقد ڪئي جنھن ۾ عبدالڪريم ڪيريو،گلزار مگسي،نظير ڪيريو،غلام حسين پھوڙ ،اعجاز شر ، خادم مري سميت ايس ٽي پي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي شھيد سنڌ کي ايثال ثواب لاء قرآن خواني ڪرائي وئي ۽ لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شھيد الطاف جسڪاڻي پارٽي سميت سنڌ جو وڏو سرمايو ھو سندس اوچتو وڇوڙو پارٽي ۾ وڏو خال آهي جيڪو ڪڏهن ڀرجي نه سگهندو شھيد الطاف جسڪاڻي جنھن ايس ٽي پي جي پليٽ فارم تان سنڌ ڌرتي ۽ ان جي رھواسين جي ھميشه مالڪي ڪئي اھو ئي سبب سنڌ دشمن ڌرين پاران کيس شھيد ڪيو ويو شھيد جي ڏ نل قرباني تي اسان سڀني کي فخر آهي ۽ اھو وچن ٿا ورجايون شھيد الطاف جسڪاڻي جيان ايس ٽي پي جو ھر ڪارڪن سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد جاري رکندو
