بدين:”تعليم جي تباهي جا ڪارڻ ۽ رياست جي ذميواري“ جي عنوان هيٺ سيمينار

بدين(ڊ ر)سجاڳ ٻار تحريڪ تعلقي تلهار پاران “سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جا ڪارڻ ۽ رياست جي ذميواري” ڳوٺ پرکو ڪولهي ۾ سيمينار ٿيو جنهن ۾ عوامي تحريڪ ضلع بدين جي نائب صدر مهراڻ درس جنرل سيڪيٽري ايڊووڪيٽ فاضل زئور سجاڳ ٻار تحريڪ ضلع بدين جي آرگنائيزر امر جليل هاليپوٽو هريرام منجي رشيد هاليپوٽو آچار ڪولهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي جن پروگرام کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ طبقاتي نظام طاقتور هجڻ سبب سنڌ جي تعليم جا سڀ ادارا تباه ٿيل آهن ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ تمام مهانگي تعليم هجڻ سبب سنڌ سرڪار جي پنهنجي رپوٽ مطابق 60هزار ٻارڙا تعليم کان محروم آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي سرڪاري تعليمي اسڪولن ۽ ڪاليجن جون تباه حال عمارتون ۽ انهن ۾ سهولتن جي اڻهوند ۽ استادن جي کوٽ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي تعليم ڀوتارن ۽ ڪامورن جي ڪرپشن ۽ سوچيل سمجهيل سازش تحت آخري پساهن ۾ آهي۔ هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي تعليم کي تباهيء کان بچائڻ لاء هنگامي بنيادن تي انتظام ڪيا وڃن 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں