خيرپور لڳ سيوهڻ سانحي جي فوتين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

خيرپور  (ڊ ر) خيرپور جي يوسي ميهر علي (دائود ڳوٺ) جي هڪ ئي خاندان جي فوتين جي نماز جنازه عيد گاهه گرائونڊ دائود ڳوٺ ۾ مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو جي اقتدا ۾ ادا ڪئي وئي نماز جنازه ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، اسسٽنٽ ڪمشنر صفدر علي ميراڻي اي ايس پي مغيز هاشمي پريس ڪلب جي صدر خان محمد، سکر، خيرپور جي صحافين، سول سوسائٽي، سماجي اڳواڻن، ڳوٺاڻن، مٽ مائٽن، وڪيلن، ڊاڪٽرن مختلف تنظيمن جي مرڪزي اڳواڻن سميت ٻين هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايت ۽ ويگن جي حادثي بابت اطلاع تي ڊسٽرڪٽ انتظاميه خيرپور جامشورو جي ضلعي انتظاميه سان رابطي ۾ هياسين ۽ مڙهه پوليس جي سهڪار سان صبح جو 5 وڳي ڳوٺ پهتا ته هو پاڻ موجود هيو، واقعو انتهائي ڏکائيندڙ آهي جنهن تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه خيرپور فوتين جي پوئينرن سان هر سطح تي سهڪار ڪندي. حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل انتظاميه سان رابطي ۾ آهيون رپورٽ اچڻ بعد معلوم ٿيندو. ايس ايس پي مير روحل خان کوسو چيو ته آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر جي هدايت موجب پوليس کاتي پاران سموري صورتحال ۾ موجود رهيا هون واقعيو وڏي سانحو آهي هر سطح تي پوليس ۽ انتظاميه پاران وارثن سان سهڪار ڪيو ويندو سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ پاران مليل هدايتن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته سمورن آفيسرن سان رابطي ۾ آهيون جلد بهتر ٿيندو. جنازي نماز کانپوءِ فوت ٿي ويلن کي اباڻي قبرساتن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں