سنڌي قوم جي ايڪي جو سوال

نديم بليدي
مختلف قومن ۾ مختلف ذهن رکندڙ ماڻهو پيدا ٿيندا رهن ٿا، پر هڪڙا انسان پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏين ٿا، جن جا قول ٻوليءَ جي زنده هجڻ تائين ورجائبا رهن ٿا، انهن مان ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته جي قوم منظم ۽ متحد آهي ته قوم مخالف حملي آور قوتون، ڦورو طبقا سندن آڏو ڪجهه به حيثيت نه ٿا رکن، پر جي مخالف قوتون منظم آهن ته پوءِ اها ٿورائي صدين تائين ڪنهن به قوم کي غلام رکي سگهي ٿي. ائين ئي پاڻ سنڌي قوم سان به وڏي ويڌن آهي، سياسي مفادن کي سمجهڻ جي ڪمي، پيري مريدي، مذهبي فرقي بندي، پراڻو جاگيرداري سماج ۽ ٻيو اڃا تائين ڌاڳن ڦيڻن واري چڪر مان سنڌي ماڻهن جو نڪري نه سگهڻ، سڀ کان وڌيڪ جديد قومي ۽ سائنسي علمن کان اوپرائي ۽ عوام جي گهڻائي جي جديد علمن تائين محدود پهچ سبب عوام پنهنجي غلامي ۽ مظلوميت کي مقدر سمجهي پاڻ کي ان جوحصو ۽ قومي غلامي کي ڪجهه جائز سمجهي ان ئي حالت ۾ گذارڻ تي مجبور هوندو آهي. ائين اها غلامي نه ڄاڻ ڪيترن نسلن تائين برقرار رهندي آهي، جيستائين ڪو جاڳائڻ وارو انهن کي اچي ان حالت مان جاڳائي ڪڍي. وڏيرڪي سماج ۽ ڦورو ٽولن ظاهر آهي وسوسي ۽ ڏند ڪٿائن وارين حالتن کي برقرار رکڻ کان وسان نه گهٽايو آهي ته جيئن عوام پنهنجا حق نه گهري ۽ اهي پنهنجي ڦرلٽ جاري رکندا اچن، اڄ سميت سنڌي عوام سان ساڳي حالت برقرار آهي. اهو به سچ جو هڪ پاسو آهي، جيڪو اسان سمجهي نه سگهيا آهيون. اصل مسئلو اهو به آهي ته سنڌي قوم اجتماعيت/ٻڌي جو مظاهرو ته ڪري ٿي پر وقتي طور هي ڏوهه عام ماڻهو جو نه آهي، پر قيادت جو فقدان به وڏو مسئلو آهي، جيڪڏهن پاڻ ائين سمجهون ته غلامي جا ويچار سنڌي عوام جي گهڻائي ۾ هڪ غلامي وانگر چنبڙيل آهن ته به ان ڳالهه جي اشهد ضرورت آهي ته انهن خيالن مان عوام کي ڪيئن ڪڍي ته جيئن ايندڙ نسل آزاد هوا ۾ ساهه کڻي سگهن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي دنيا آڏو مڃرائين ته سنڌي به هڪ باوقار ۽ شاندار تاريخ رکندڙ قوم آهي. هڪ شعوري ڏاڪي کان ٻئي شعوري ڏاڪي تائين پهچڻ لاءِ نه ڄاڻ انسان ڪيتريون ڪوششون ڪندو رهيو آهي، پر قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ فردن فردن ۽ اجتماعي بيداري جي ضرورت پوي ٿي. اڄڪلهه گهڻي ڀاڱي رابطي جي سماجي ذريعن تي لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو پر اتي به گهڻي ڀاڱي عوام کي ئي قصور وار ڪرڻ جي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته ماڻهو صحيح نمائندا جو انتخاب نه ٿا ڪن پر انهن کي ڪير سمجهائي ته هاري، مزدور، هيٺين وچولي طبقي، دڪاندار، عورتن، شاگردن ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن ته قومي سوال تي سدائين ڀرپور موٽ ڏني آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڌار ڌار سياسي ديڳڙو رڌيندا نمائندا ته ان ڇڙوڇڙ عوام کي منظم ڪير ڪندو. اڄ به هزارين سالن کان وڪوڙيل سنڌ جي عوام ۾ وهمن، وسوسن، جهالتي عقيدن کي هاڻي به للڪارڻ جي ضرورت آهي، جيئن عوام کي صحيح دڳ ڏيکارجي، انهن سان گڏجي بيهجي، کين سائنسي علمن، سياسي بصيرت ۽ نظرياتي طرح هٿياربند ڪجي ۽ انهن کي ڦرلٽ ڪندڙ قوتن ۽ ان نظام کي بچائيندڙ خيالن جي حقيقين کان واقف ڪجي، جي عوام کي صحيح شاندار صلاحيتن واري قيادت مهيا ڪري ڏجي، جيڪا جيل، جلاوطني ۽ نظربندي ۾ به مايوس نه ٿي، پوءِ اهو ڏينهن پري نه هوندو ته سنڌي قوم شعور جي اعليٰ منزل تي نظر ايندي. جبر جي ڪهڙي به شڪل، اها ڪهڙي به عقيدي ۽ خيالن جي نالي ۾ هلي ٿي، اها ناجائز ۽ باطل آهي. ان جو مقابلو هن صورت ۾ ضروري آهي. بنيادي ڳالهه آهي قربانيءَ جو جذبو، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ماڻهن سان اڻ ڳڻي چاهت، لالچ ۽ خوف کي ويجهو اچڻ نه ڏيندڙ ماڻهو ئي پنهنجي قومن کي پنهنجي منزل تي پڄائيندا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں