شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي وئي

نوابشاھ(ڊ ر) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد ۾ بي بي اي ، بي ايس، ايم فل ۽ ماسٽر پروگرامز ۾  نئين تعليمي سيشن لاءِ داخلا 2023ع  جي ڪمپيوٽر بيس پري انٽري ٽيسٽ صبح 9 وڳي کان مين ڪيمپس ۾ ورتي وئي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊميشن محمد زمان راٺوڙ مطابق هن سال 2300 اميدوارن کي ٽيسٽ ۾ ويھڻ لاءِ اھل قرار ڏنو ويو آهي. ٽن ڏينھن تائين ھلندڙ ھن پري انٽري ٽيسٽ ۾ شاگردن کي امتحاني هال ۾ ڪو به اليڪٽرانڪ ڊيوائس جھڙوڪ موبائل، ڪلڪيوليٽر وغيرہ کڻي وڃڻ تي پابندي ھئي. ٽيسٽ سينٽرن جي  وزٽ دوران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي نجم الدين سوھو، آصف علي زرداري، منظور علي سيال، قربان علي فاروقي، پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، پروفيسر ڊاڪٽر سلمان بشير، ڊاڪٽر ڪمال سومرو ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں