عارف علوي سان اسحاق ڊار جي ملاقات، آرمي چيف بابت وزيراعظم جي ايڊوائس تي عمل ڪندس: صدر

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اهم ملاقات دوران اهم عهدي تي مقرري سميت ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا. ملندڙ رپورٽن موجب ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ڪالهه ايوان صدر اسلام آباد ۾ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي. اسحاق ڊار ۽ صدر وچ ۾ اهم مقرري ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي ناڻي واري وزير ملڪ جي بهتري لاءِ اڳيان گڏجي وڌڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير صدر کي معاشي صورتحال تي به اعتماد ۾ ورتو. جڏهن ته ناڻي واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ آءِ ايم ايف سان معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران اسحاق ڊار عارف علوي کي ملڪ جي گڏيل اقتصادي ۽ مالياتي صورتحال تي بريف ڪيو. ناڻي واري وزير صدر کي پاڪستان جي عوام خاص طور تي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ متاثرين کي ريليف ڏيڻ ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن موجب آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي اهم ذميواري ڏني وئي آهي. ان کان اڳ مشاورت ۾ اتحادين وفاقي حڪومت کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. اسحاق ڊار جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سان به گذريل ڏينهن اهم ملاقاتون ٿيون هيون. اتحادين ملاقات دوران پيغام ڏنو آهي ته وزيراعظم کي آئيني اختيار آهي ته اهو مقرري آئين موجب ڪري. ملاقات دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيانئي ۽ لانگ مارچ کي اهميت نه ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف صدر عارف علوي چيو آهي ته آرمي چيف بابت وزيراعظم جي ايڊوائس آئي ته عمل ڪنداسين. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي ويجهن دوستن سان گفتگو ڪئي، جنهن ۾ هن آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان ڳالهايو. ذريعن موجب صدر عارف علوي چيو ته آرمي چيف بابت وزيراعظم جي ايڊوائس آئي ته ان تي عمل ڪنداسين، مون وٽ وزيراعظم جي ايڊوائس روڪڻ جو قانوني اختيار ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں