عمران خان پاڻ چيو آهي ته هن آمريڪي سازشي بيان کي ڇڏي ڏنو ته پوءِ اسان کي به ڇڏڻ گهرجي: بلاول

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان پاڻ چيو آهي ته هو آمريڪي سازشي بيان کي پوئتي ڇڏي ويو آهي ته پوءِ اسان کي به اهو بيان ڇڏڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ڀارت لاڳاپن تي ڳالهائيندي چيو ته 2019ع ۾ ڀارتي حڪومت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن سبب لاڳاپا خراب ٿيا ۽ مان سمجهان ٿو ته پاڪستاني عوام پرامن ۽ بهتر لاڳاپا چاهين ٿا. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان اسان مشڪل دور مان گذريا آهيون. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ چين مختلف معاملن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، سي پيڪ منصوبن کان وٺي ڪورونا وائرس دوران پاڪستاني شاگردن جي وطن واپسي، لاڪ ڊائون ۽ سفري مسئلن تائين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين سان ان سهڪار جي تسلسل ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيني صدر شي جن پنگ شنگهائي سهڪاري تنظيم (ايس سي او) جي سائيڊ لائن تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستقبل ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جو ٻيو تاريخي دوست آمريڪا رهيو آهي جنهن سان اسان جا لاڳاپا به تاريخي آهن ۽ ٻنهي ملڪن سان گڏجي گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۽ تعاون ۾ جڏهن فاصلا هوندا آهن ته ٻنهي ملڪن لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهرين ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن سان ٿي جنهن ۾ اسان تمام گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں