لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته صدر عارف علوي جي آرمي چيف سان ملاقات ٿي آهي، ملاقات جي ايجنڊا تڪڙيون ۽ شفاف چونڊون هئي، فوج جي سربراهه جي مقرري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جيان ٿيڻ گهرجي. سينيئر صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته موجوده حڪومت پنهنجي فائدي لاءِ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري رهي آهي، جيڪا اعليٰ عدليا ۾ چئلينج ٿي ويندي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان منهنجي لاهور ۾ ڪا ملاقات ناهي ٿي. ذريعن موجب عمران خان وڌيڪ چيو ته وزيرآباد حملي جي مک جوابدار کي 14 ڏينهن کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، مون کي خدشو آهي ته انهن 14 ڏينهن ۾ شاهديون ضايع ڪيون ويون هونديون. هن چيو ته ق ليگ اسان جي اتحادي آهي، پرويز الاهي سان بهترين اتحاد هلي رهيو آهي، ڪيس داخل ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ اڳوڻو آءِ جي پنجاب هو. ذريعن موجب عمران خان چيو ته مان چونڊن ۾ اي وي ايم سان ڌانڌلي روڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، اي وي ايم معاملي تي نواز شريف، آصف زرداري، اليڪشن ڪميشن ۽ هينڊلرز هڪ پيج تي هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان اهو به چيو ته مڪمل اختيار ملندا ته وزيراعظم ٿيندس، اهو نٿو ٿي سگهي ته اختيار ڪنهن ٻئي وٽ هجن ۽ ذميواري ڪنهن ٻئي جي.
