لاڙڪاڻو ايڪشن ڪميٽي جو سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ايڪشن ڪاميٽي پاران لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج، دوائن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ توڙي مبينا ڪرپشن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڪاليا کوسو، جاويد علي ٽڳڙ، وشال ملاڻي، شير خان کوسو، بابر سولنگي، نويد علي کوسو، گلزار علي کٽياڻ، گلشير احمد بروهي ۽ ٻين چيو ته چانڊڪا اسپتال جي سرڪاري دوائن جا انچارج محمد علي شيخ ۽ عارف علي عباسي ملي ڀڳت ڪري جعلي بل ٺاهي سنڌ حڪومت کان دوائن جا ڪروڙين روپيا وصول ڪري رهيا آهن ۽ پنجاب جي لاهور جي ڪمپنين سان معاهدو ڪري جعلي دوائون گهرايون پيون وڃن تازو هنن جعلي ڪمپنين کان دوائون گهرائي 40 ڪروڙ روپيا ورتا. هنن چيو ته جعلي دوائن جي استعمال سبب مريض صحتياب ٿيڻ بدران مختلف خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن ۽ ڪيترائي مريض روزانو پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي ويهن ٿا جنهن جي گواهي اسپتال جو سرڪاري رڪارڊ ڏئي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪميشن خور ۽ ڪرپٽ جعلي بل ٺاهيندڙ انچارجن کي هٽائي سندن خلاف ڪاروائي ڪري ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪيل پئسو واپس ڪرائي ايندڙ مريضن کي علاج ۽ دوائن جون سهولتون فراهم ڪري ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں