ڪوٽڙي (ن س) ڪوٽڙي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي سيع الله سنجراڻي جو چوهو ته ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي جي سمورن دڪانن جي رهتين سميت مسواڙ نه ڏيندڙ دڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ضلعي انتظاميه پاران ميونپسل انتظاميه سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي يقين دياني ڪرائي اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي سعيع الله سنجراڻي ميونپسل ڪميٽي ڪوٽڙي آفيس جي دوري ڪرڻ بعد ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي عمران خان گمهرو صاحب سان گڏجي ۾ ڪيو گڏجاڻي جي سربرائي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي سيع الله سنجراڻي ڪئي جڏهن ته گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ مختيار ڪار ڪوٽڙي فيروز برفت سميت ميونسپل ڪميٽي جي مخلتف برانچن جي انچارجن اميد علي سپيو، سجاد پرويز جوڻيجو ۽ مرتضيٰ مغل سميت ٻين شرڪت ڪئي گڏجي ۾ ايڊمنسٽريٽر پاران کان سمورن علائقن ۾ صفائي سٿرائي بابت اسسٽنٽ ڪمشنر کي بريفنگ تفصيلي پڻ ڏني جڏهن ته گڏجي اي سي پاران واٽر سپلائي انچار۔ٽيڪيس پرانج انچارج سينٽيشن عملي انچارجن سميت ٻين کان معلومات پڻ۔ورتي لاڳاپيل انچارجن کي دڪانن جي مسواڙ وقت سر نه ڏيندڙ دڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ سميت جن دڪاندارن مٿان وڏي انگ ۾ رهتيون آھن انهن دڪانن کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ضلعي انتظاميه جو مڪمل تعاون ڪرڻ لاء يقين ڌياني ڪرائي گڏجاڻي ۾ ايس سي جو وڌيڪ چوڻ هو ته صفائي سٿرائي جي نظام کي وڌ کان وڌ بهتر ڪيو وڃي ۽ شهرين کي صفا سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي.
