ملير ۾ صحافي محمود گهوٽو جي ورسي ملهائي وئي

ملير(ڊ.ر) ملير جي سينئير صحافي محمود گهوٽو جي پنجين ورسي تقريب ميمڻ ڳوٺ ۾ ٿي گذري، ڪراچي رورل نيٽ ورڪ( ڪرن) جي سهڪار سان ٿيل ورسي تقريب ۾ ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو، ملير پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري حنيف سومرو، سينئير صحافين ۽ سماجي اڳواڻن مير ذوالفقار ميرجت، حسن ٽڳڙ، اياز ڀاڳت، راجا بلوچ، آغا شير افضل،محمد علي گهوٽو، سليم جي ميمڻ سميت سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته محمود گهوٽو پنهنجي سڄي ڄمار صحافتي خدمتن ۾ گذاري هن پنهنجي صحافتي پيشه وراني صلاحيتن سان ملير جي مظلوم ماڻهن جي مسئلن جي نشاندهي ڪندي سندن آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هنن چيو ته صحافتي پيغمبري ۽ مسيحا پيشو آهي ان پيشي سان سلهاڙيل صحافين تي فرض بڻجي ٿو ته هو عوام جو آواز بڻجن ۽ انهن جي حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، صحافت کي عبادت جيان سمجهڻ گهرجي، هنن وڌيڪ چيو ته محمود گهوٽو ان دور جو صحافي هو جنهن دور ۾ سختيون هيون ۽ صحافت ڪرڻ تمام ڏکيو بڻيل هيو پر محمود گهوٽو صحافتي سرگرمين کي جيئن جو تيئن جاري رکيو ۽ هو ڪنهن جابر يا ظالم آڏو نه جهڪيو ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي خدمتون جاري رکيون، اسان محمود گهوٽو جي ڪمي محسوس ڪندي سندس پٽ محمد علي گهوٽو مان اميد ڪريون ٿا ته هو پنهنجي والد جي ڇڏيل مشن کي جاري ۽ ساري رکندو ۽ ملير جي عوام جو آواز بڻجي مرحوم محمود گهوٽو جي ڇڏيل مقصد کي پورو ڪندو، تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي مرحوم محمود گهوٽو جي نالي سان ٺاهيل تعريفي سندون پڻ ورهايون ويون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں